Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 15:26 - Sindhi Bible

26 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا لاوين جي مدد ڪئي، جن خداوند جي عهدنامي جي صندوق کنئي هئي، تڏهن هنن ست ڍڳا ۽ ست گهٽا قربان ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 جيئن تہ خدا انهن لاوين جي مدد ڪئي جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کنيو پئي آيا، سو ست ڏاند ۽ ست گھٽا قربان ڪيا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 15:26
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بلعام بلق کي چيو، تہ منهنجي لاءِ ست قربانگاهون جوڙاءِ، ۽ هتي منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گهٽا تيار ڪر.


تنهن ڪري اوهين ست ڍڳا ۽ ست گهٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ وڃو، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهيو؛ ۽ منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گهرندو؛ ۽ انهيءَ جي خاطر آءٌ اُها قبول ڪندس، ۽ اوهان جي بي عقليءَ موافق اوهان سان هلت نہ ڪندس؛ ڇالاءِ جو اوهان منهنجي نسبت اُها ڳالهہ نہ ڪئي آهي جا درست آهي، جيئن ڪ منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي آهي.


پر آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجي قوم ڪير آهي، جو اسين هن طرح رضامنديءَ سان نذرانو ڏيون؟ ڇالاءِ جو سڀ شيون تو وٽان آهن، ۽ تنهنجي ئي شين مان اسان توکي ڏنو آهي.


ائين نہ آهي تہ اسين پاڻ اهڙي لياقت ٿا رکون، جو پاڻهي پاڻ کان ڪو خيال ڪري سگهون؛ پر اسان جي لياقت خدا کان آهي،


هڪڙن جي واسطي مرڻ لاءِ موت جي بوءِ، ۽ ٻين جي واسطي جيئڻ لاءِ زندگيءَ جي خوشبوءِ. ۽ انهن ڳالهين جي لاءِ ڪير لائق آهي؟


پر خدا جي مدد سان اڄ تائين آئون قائم رهندو اچان، ۽ ننڍي توڙي وڏي جي اڳيان شاهدي ڏيندو اچان، ۽ رڳو اُهي ڳالهيون ٿو ٻُڌايان، جن بابت نبي ۽ موسيٰ اڳيئي چئي ويا آهن تہ ٿينديون؛


۽ عيد وارا ست ئي ڏينهن، هر روز ست بي عيب ڍڳا، ۽ ست گهٽا خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ واسطي هو تيار ڪندو، ۽ هر روز هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ بہ.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي صندوق کڻڻ وارا ڇهہ قدم هليا تڏهن هن هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو بيٺل ٿلهو جانور قرباني ڪيو.


تڏهن سموئيل هڪڙو پٿر مصفاہ ۽ شين جي وچ ۾ کڙو ڪيو، ۽ انهي جو نالو ابن عزر رکيائين، ۽ چيائين تہ هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.


وري ستين ڏينهن ست وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ