23 ۽ برڪياہ، ۽ القانہ، صندوق لاءِ دربان هئا.
23 برڪياہ ۽ القانہ عهد واري صندوق لاءِ دربان مقرر ٿيا.
خلقياہ سردار ڪاهن وٽ وڃ تہ جيڪي پئسا خداوند جي گهر ۾ ماڻهن آندا آهن، ۽ جي دربانن ماڻهن کان گڏ ڪيا آهن، تن جو هو حساب ڪري:
۽ پهري وارن جي سردار، سردار ڪاهن سراياہ کي، ۽ ٻئي ڪاهن صفنياہ کي، ۽ ٽن دربانن کي گرفتار ڪيو:
تڏهن هنن اچي شهر جي دربان کي سڏ ڪيو: ۽ چيائونس تہ اسين ارامين جي لشڪرگاهہ ۾ وياسين، ۽ ڏس، اُتي ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هو، نہ ڪو ڪنهن ماڻهوءَ جو آواز هو، پر گهوڙا ۽ گڏهہ ٻڌا بيٺا هئا، ۽ تنبو بہ جيئن هئا تيئن بيٺا هئا.
۽ لاوين جو سردار ڪنانياہ، جو ڳائڻ ۾ هوشيار هو، سو راڳ لاءِ مقرر هو، ۽ سُر کڻڻ سيکاريندو هو.
۽ شبنياہ، ۽ يهوسفط، ۽ نتنئيل، ۽ عماسي، ۽ زڪرياہ، ۽ بناياہ، ۽ اليعزر، جي ڪاهن هئا، تن خداوند جي صندوق جي اڳيان تريون وڄايون: ۽ عوبيد ادوم، ۽ يحياہ، صندوق لاءِ دربان هئا.
ڇالاءِ جو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بڇڙن جي تنبن ۾ رهڻ کان مون کي پنهنجي خدا جي گهر جو دربان ٿيڻ پسند آهي.
۽ سموئيل صبح تائين سمهيو پيو هو، ۽ پوءِ اُٿي خداوند جي گهر جا در کوليائين. ۽ سموئيل عيلي کي انهي رويا جي بيان ڪري ٻڌائڻ کان ڊنو.