Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 15:12 - Sindhi Bible

12 ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين لاوين جي ابن جي گهراڻن جا سردار آهيو: اوهين پاڻ ۽ پنهنجن ڀائرن کي مخصوص ڪريو، تہ وڃي خداوند اسرائيل جي خدا جي صندوق انهيءَ جاءِ تي، جا مون تيار ڪئي آهي، کڻي اچو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هن کين چيو تہ ”اوهين لاوي گھراڻن جا وڏا آهيو. اوهين پاڻ کي ۽ پنهنجن لاوي ڀائرن کي پاڪ ڪريو ۽ پوءِ وڃي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچي انهيءَ جاءِ تي رکو جيڪا مون ان لاءِ تيار ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 15:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود پنهنجي لاءِ دائود جي شهر ۾ گهر جوڙايا؛ ۽ خدا جي صندوق لاءِ بہ هڪڙي جاءِ تيار ڪرايائين، ۽ اُنهيءَ لاءِ هڪڙو تنبو کوڙايائين.


تڏهن ڪاهنن ۽ لاوين خداوند اسرائيل جي خدا جي صندوق مٿي کڻي اچڻ لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪيو.


۽ دائود سڀ اسرائيلي يروشلم ۾ آڻي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي صندوق کڻي، جيڪا جاءِ انهيءَ جي لاءِ تيار ڪئي هئائين، اتي رکي.


۽ هنن خدا جي صندوق اندر آڻي، جيڪو تنبو دائود انهيءَ جي لاءِ کوڙيو هو، تنهن جي وچ ۾ رکي: ۽ هنن خدا جي اڳيان سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهيون.


انهن سڀني بہ پنهنجن ڀائرن هارون جي پٽن وانگر، دائود بادشاهہ، ۽ صدوق، ۽ اخي ملڪ، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين جي اباڻي گهراڻي جي سردارن جي روبرو ڪڻا وڌا؛ يعني جهڙو وڏي جي اباڻي گهراڻن جو حق هو، تهڙو هن جي ننڍي ڀاءُ جي گهراڻي جو بہ هو.


اهي هئا لاوين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، جي سندن سڀني پيڙهين ۾ مکيہ ماڻهو هئا: اهي يروشلم ۾ رهندا هئا.


۽ سليمان سڄي اسرائيل جي هزارن ۽ سوَن جي سردارن، ۽ قاضين ۽ رئيسن سان، جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا سردار هئا، ڳالهيون ڪيون.


پر دائود خدا جي صندوق قريت يعريم مان انهيءَ جاءِ تي کڻي آيو هو، جا هن انهيءَ لاءِ تيار ڪئي هئي، ڇالاءِ جو هن انهيءَ لاءِ يروشلم ۾ هڪڙو تنبو هنيو هو.


تنهن کانپوءِ ٻئي مهيني جي چوڏهين تاريخ فسح جون قربانيون ڪُٺائون، ۽ ڪاهن ۽ لاوي شرمندا ٿيا، ۽ پاڻ کي پاڪ ڪيائون، ۽ خداوند جي گهر ۾ سوختني قربانيون کڻي آيا.


۽ فسح جون قربانيون ذبح ڪريو، ۽ پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ پنهنجن ڀائرن جي لاءِ تياري ڪريو، ۽ جيڪو ڪلام خداوند موسيٰ جي هٿان ڪيو آهي، تنهن موجب عمل ڪريو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڪاهن پاڪ جاءِ مان نڪري آيا (ڇالاءِ جو جيڪي ڪاهن حاضر هئا تن پاڻ کي پاڪ ڪيو هو، ۽ پنهنجي واري موجب نہ آيا هئا؛


تنهن کانپوءِ سليمان اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار، يروشلم ۾ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر يعني صيئون مان کڻي يروشلم ۾ آڻين.


۽ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن، تہ سبت جو ڏينهن پاڪ رهي. اي منهنجا خدا، اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج، ۽ پنهنجيءَ وڏيءَ رحمت موجب مون کي معاف ڪج.


اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.


اهو ڪاهنن جي لاءِ ٿيندو، جي صدوق جي پٽن مان پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ جن منهنجن قانونن جي سنڀال پئي ڪئي آهي؛ ۽ جي بني اسرائيل جي گمراهہ ٿيڻ وقت گمراهہ نہ ٿيا؛ جيئن لاوي گمراهہ ٿيا هئا.


سچ جي وسيلي کين پاڪ ڪر، تنهنجو ڪلام سچ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ