Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 15:1 - Sindhi Bible

1 ۽ دائود پنهنجي لاءِ دائود جي شهر ۾ گهر جوڙايا؛ ۽ خدا جي صندوق لاءِ بہ هڪڙي جاءِ تيار ڪرايائين، ۽ اُنهيءَ لاءِ هڪڙو تنبو کوڙايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 دائود پنهنجي لاءِ ”دائود جي شهر“ ۾ گھر تعمير ڪرايا. هن خدا جي عهد واري صندوق لاءِ پڻ هڪڙي جاءِ تيار ڪرائي، جتي انهيءَ لاءِ هڪڙو تنبو کوڙايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 15:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ چيو تہ هو ڀلي پنهنجي گهر وڃي، پر منهنجو منهن نہ ڏسي. تنهنڪري ابي سلوم پنهنجي گهر هليو ويو، ۽ بادشاهہ جو منهن نہ ڏٺائين.


۽ دائود انهيءَ قلعي ۾ رهندو هو، ۽ انهيءَ کي دائود جو شهر سڏيائون، ۽ دائود ملو کان وٺي اندر تائين چوڌاري گهر جوڙايا.


۽ ماڻهن بادشاهہ دائود کي ٻڌايو تہ خداوند عوبيد ادوم جي گهراڻي کي، ۽ جن جو انهيءَ سان واسطو آهي تن سڀني کي خدا جي صندوق ڪري برڪت ڏني آهي. تڏهن دائود وڃي عوبيد ادوم جي گهر مان خدا جي صندوق خوشيءَ سان دائود جي شهر ۾ کڻي آيو.


۽ هنن خداوند جي صندوق اندر آڻي جيڪو تنبو دائود انهيءَ جي لاءِ کوڙيو هو، تنهن جي وچ ۾ پنهنجي جاءِ تي رکي: پوءِ دائود خداوند جي اڳيان سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون.


۽ انهن کي چيائين تہ اوهين لاوين جي ابن جي گهراڻن جا سردار آهيو: اوهين پاڻ ۽ پنهنجن ڀائرن کي مخصوص ڪريو، تہ وڃي خداوند اسرائيل جي خدا جي صندوق انهيءَ جاءِ تي، جا مون تيار ڪئي آهي، کڻي اچو.


۽ دائود سڀ اسرائيلي يروشلم ۾ آڻي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي صندوق کڻي، جيڪا جاءِ انهيءَ جي لاءِ تيار ڪئي هئائين، اتي رکي.


۽ هنن خدا جي صندوق اندر آڻي، جيڪو تنبو دائود انهيءَ جي لاءِ کوڙيو هو، تنهن جي وچ ۾ رکي: ۽ هنن خدا جي اڳيان سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهيون.


۽ اِهي آهن اُهي، جن کي صندوق جي آرام جي جاءِ تي اچڻ کانپوءِ دائود ڳائڻ جي ڪم تي مقرر ڪيو.


پر دائود خدا جي صندوق قريت يعريم مان انهيءَ جاءِ تي کڻي آيو هو، جا هن انهيءَ لاءِ تيار ڪئي هئي، ڇالاءِ جو هن انهيءَ لاءِ يروشلم ۾ هڪڙو تنبو هنيو هو.


تنهن کانپوءِ سليمان اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار، يروشلم ۾ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر يعني صيئون مان کڻي يروشلم ۾ آڻين.


جيسين ڪہ خداوند جي واسطي ڪو مڪان، ۽ يعقوب جي قادر لاءِ ڪو خيمو نہ ملندو.


دائود خدا وٽ قبول پيو، ۽ هن عرض ڪيو تہ يعقوب جي خدا جي لاءِ ڪا جاءِ تيار ڪرڻ جي اجازت مليم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ