4 ۽ يروشلم ۾ جيڪي ٻار هن کي ڄاوا، تن جا نالا هي آهن؛ سموع ۽ سوباب، ناتن ۽ سليمان؛
4 يروشلم ۾ جيڪي ٻار کيس پيدا ٿيا تن جا نالا هي آهن: سموعہ، سوباب، ناتن، سليمان،
۽ خداوند ناتن کي دائود ڏي موڪليو. ۽ اهو هن وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ هڪڙي شهر ۾ ٻہ ماڻهو هئا؛ هڪڙو شاهوڪار ۽ ٻيو غريب.
جيڪي ٻار هن کي يروشلم ۾ ڄاوا تن جا نالا هي هئا؛ سموعہ، ۽ سوباب، ۽ ناتن، ۽ سليمان،
تون بادشاهہ دائود وٽ وڃ، ۽ چئينس تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، تو پنهنجي ٻانهيءَ سان قسم کڻي نہ چيو هو ڇا تہ تنهنجو پٽ سليمان ضرور مون کان پوءِ بادشاهي ڪندو، ۽ منهنجي تخت تي ويهندو؟ تڏهن ادونياہ ڇو ٿو بادشاهي ڪري؟
تڏهن هن چيس تہ اي منهنجا سائين، تو پنهنجي ٻانهيءَ سان خداوند پنهنجي خدا جو قسم کنيو هو، ۽ چيو هوءِ تہ مون کان پوءِ تنهنجو پٽ سليمان ضرور بادشاهي ڪندو، ۽ منهنجي تخت تي ويهندو.
۽ هو چوڻ لڳو تہ تون ڄاڻين ٿي تہ بادشاهت منهنجي هئي، ۽ ساري اسرائيل قوم پنهنجا منهن مون ڏي ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ بادشاهي ڪريان: پر بادشاهي ڦري منهنجي ڀاءُ جي ٿي پيئي: ڇالاءِ جو اُها خداوند جي طرفان انهيءَ جي هئي.
۽ سليمان خداوند سان محبت رکي پنهنجي پيءُ دائود جي قانونن تي هليو: رڳو مٿانهن هنڌن تي قربانيون ڪندو هو ۽ لوبان ساڙيندو هو.
۽ دائود يروشلم ۾ وڌيڪ زالون پرڻيو: ۽ دائود کي زيادہ پٽ ۽ ڌيئرون ٿيڻ لڳيون.
۽ ابحار، ۽ السوع، ۽ الفالط؛
۽ يشيءَ مان دائود بادشاهہ پيدا ٿيو: ۽ دائود مان سليمان انهيءَ جي پيٽان پيدا ٿيو جا پهريائين اورياہ جي زال هئي.
۽ اُهو ملي آہ جو، ۽ اُهو مناہ جو، ۽ اُهو متتاہ جو، ۽ اُهو ناتن جو، ۽ اُهو دائود جو،