Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 14:2 - Sindhi Bible

2 ۽ دائود ڄاتو تہ خداوند کيس اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي، ڇالاءِ جو هن سندس بادشاهي پنهنجي قوم اسرائيل جي خاطر بلند ڪئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 دائود سمجھي ورتو تہ خداوند کيس بني اسرائيل تي بادشاهہ طور قائم ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس بادشاهي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خاطر بلند وَ بالا ڪئي ويئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 14:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تنهنجو گهر، ۽ تنهنجي بادشاهت، هميشہ جي لاءِ قائم ڪئي ويندي: تنهنجو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪيو ويندو.


تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:


برڪت وارو هجي خداوند تنهنجو خدا، جو تو مان راضي هو ۽ جنهن توکي اسرائيل جي تخت تي ويهاريو: خداوند اسرائيل کي هميشہ پيار ڪندو هو، تنهنڪري هن توکي بادشاهہ ڪيو تہ عدالت ۽ انصاف ڪرين.


۽ حيرام، صور جي بادشاهہ، دائود ڏي قاصد موڪليا، ۽ ديودار جا وڻ، ۽ رازا، ۽ واڍا بہ، انهيءَ لاءِ تہ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙين.


۽ دائود يروشلم ۾ وڌيڪ زالون پرڻيو: ۽ دائود کي زيادہ پٽ ۽ ڌيئرون ٿيڻ لڳيون.


تہ بہ اي خدا، اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي؛ پر تو پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي بابت آئيندہ جي گهڻي عرصي تائين ذڪر ڪيو آهي، اي خداوند خدا، تو مون کي وڏي ماڻهوءَ جي درجي موجب سمجهيو آهي.


۽ ڏس، جيڪي تنهنجا نوڪر ڪاٺين وارا هوندا، تن کي ويهہ هزار مڻ چٿيل ڪڻڪ جا، ۽ ويهہ هزار مڻ جوَن جا، ۽ ويهہ هزار مٽ شراب جا، ۽ ويهہ هزار مٽ تيل جا ڏيندس.


تڏهن صور جي بادشاهہ حورام، جواب ۾ سليمان کي لکي موڪليو تہ، خداوند پنهنجي قوم کي پيار ٿو ڪري، تنهنڪري هن توکي انهيءَ جو بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن هن وقت تون اصل ماٺ ڪري ويهندينءَ، تہ يهودين جو ڇوٽڪارو ۽ بچاءُ ٻئي هنڌان پيدا ٿيندو، پر تون ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو چٽ ٿي ويندو: ڪنهن کي خبر تہ تون ههڙي وقت جي لاءِ بادشاهت ۾ نہ آئي آهين؟


پر مون کي جو اهو ڳجهہ ڄاڻايو ويو آهي، سو نہ ڪنهن ڏاهپ جي ڪري جا ٻئي ڪنهن جيئري ماڻهوءَ کان مون ۾ وڌيڪ آهي، پر انهيءَ مطلب لاءِ تہ تعبير جي بادشاهہ کي خبر پوي، ۽ تون پنهنجي دل جي خيالن مان واقف ٿين.


پاڻي هن جي ڏولن مان وهندو، ۽ هن جو ٻج گهڻن پاڻين ۾ هوندو، هن جو بادشاهہ اجاج کان وڏو ٿيندو، ۽ هن جي بادشاهت وڌندي ويندي.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون ڪوشش سان خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندين، تہ خداوند تنهنجو خدا توکي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ