Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 14:11 - Sindhi Bible

11 تڏهن هو بعل پراضيم ۾ آيا ۽ دائود اُتي هنن کي شڪست ڏني؛ ۽ دائود چيو تہ خدا منهنجن دشمنن کي منهنجي هٿان پاڻيءَ جي بند ڀڄڻ وانگي ڀڃي وڌو آهي. تنهنڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو بعل پراضيم رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 سو دائود هڪڙي هنڌ تي آيو ۽ اتي فلستين کي شڪست ڏنائين. تڏهن دائود چوڻ لڳو تہ ”خداوند منهنجي دشمنن کي منهنجي هٿان ائين ڀڃي وڌو آهي، جيئن اوچتو پاڻيءَ جو بند ڀڄي پوندو آهي.“ انهيءَ سبب ئي انهيءَ هنڌ جو نالو بعل‌پراضيم پئجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 14:11
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود بعل پراضيم ۾ آيو، ۽ اتي دائود انهن کي شڪست ڏني، ۽ چوڻ لڳو تہ خداوند منهنجن دشمنن کي ائين ڀڃي وڌو آهي جيئن پاڻي ڀڄندو آهي. تنهنڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو بعل پراضيم رکيو.


۽ دائود خدا کان پڇيو تہ آءٌ فلستين تي چڙهي وڃان يا نہ؟ ۽ تون انهن کي منهنجن هٿن ۾ ڏيندين يا نہ؟ ۽ خداوند هن کي چيو تہ تون چڙهي وڃ؛ ڇالاءِ جو آءٌ هنن کي تنهنجن هٿن ۾ ڏيندس.


۽ هنن پنهنجا معبود اُتي ڇڏيا؛ ۽ دائود حڪم ڏنو، جنهن موجب هنن انهن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو.


هو ڄڻ تہ هڪڙي ڪشادي ڦاٽ مان هليا ٿا اچن: ويرانيءَ سان هو مون تي ڪاهيندا اچن.


خداوند منهنجو ٽڪر مبارڪ هجي، هو منهنجن هٿن کي جنگ ڪرڻ ۽ منهنجن آڱرين کي وڙهڻ ٿو سيکاري.


اُهو ئي آهي جو بادشاهن کي نجات ٿو ڏئي: هو پنهنجي بندي دائود کي ڏکوئيندڙ ترار کان بچائي ٿو.


ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ترار سان ملڪ قبضي ۾ نہ آندو، نڪي پنهنجيءَ ٻانهن سان پاڻ کي بچايائون؛ پر تنهنجي ساڄي هٿ، ۽ تنهنجيءَ ٻانهن، ۽ تنهنجي منهن جي سوجهري ائين ڪيو، ڇو جو تون مٿن مهربان هئين.


يعني پاڻي موٽي آيو، ۽ گاڏيون، ۽ گهوڙي سوار، ۽ فرعون جو سارو لشڪر، جو هنن جي پٺيان ڪاهي آيو هو، تنهن کين ٻوڙي ڇڏيو؛ ۽ منجهانئن هڪڙو بہ ڪونہ بچيو.


ڇالاءِ جو خداوند اهڙو اُٿلندو جهڙو پراضيم جبل تي، ۽ اهڙو ڪاوڙبو جهڙو جبعون جي واديءَ ۾؛ انهي لاءِ تہ هو پنهنجو ڪم، بلڪ پنهنجو عجيب ڪم ڪري، ۽ پنهنجو عمل، بلڪ پنهنجو عجيب عمل آڻي پورو ڪري.


۽ پوءِ مينهن اچي پيو، ۽ ليٽون آيون، ۽ واءُ لڳا، ۽ اُنهي گهر تي اچي سٽڪا ڪيائون، ۽ اُهو ڪِري پيو ۽ برباد ٿي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ