Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 13:5 - Sindhi Bible

5 تڏهن دائود سڀ اسرائيلي، مصر جي نهر سيحور کان وٺي حمات جي گهڙڻ واري هنڌ تائين گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ قريت يعريم مان خدا جي صندوق کڻي اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ دائود ڏکڻ طرف مصر جي سيحور نديءَ کان وٺي اتر ۾ حمات لڪ تائين بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏائي گڏ ڪيو، تہ جيئن قريت‌يعريم مان خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچڻ وقت اهي موجود هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 13:5
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود وري بہ اسرائيل جا چونڊيل ماڻهو گڏ ڪيا، جي ٽيهہ هزار هئا.


۽ فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي زمين تائين، ۽ مصر جي سرحد تائين جيڪي بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪم هلائيندو هو؛ اُهي نذرانا آڻيندا هئا، ۽ سندس ساري حياتيءَ جا ڏينهن سليمان جي خدمت چاڪري ڪندا رهيا.


انهيءَ طرح اُنهيءَ وقت سليمان، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين وڏي جماعت ڪري، حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ کان وٺي مصر جي نهر تائين، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان ست ڏينهن هڪڙا، ۽ ست ڏينهن ٻيا، يعني ڪل چوڏهن ڏينهن، عيد ڪئي.


۽ بابل جي بادشاهہ حمات جي ملڪ ۾ ربلہ منجهہ هنن کي قتل ڪرايو. انهيءَ طرح يهوداہ قيد ٿي پنهنجي ملڪ مان کڄي ويو.


۽ ساري جماعت چيو تہ اسين ائين ڪرڻ گهرون ٿا: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ ساري قوم جي نظر ۾ مناسب آهي.


۽ دائود سڀني اسرائيلين سميت بعلہ ڏي، يعني قريت يعريم ڏي چڙهي ويو، جو يهوداہ جو شهر هو، انهيءَ لاءِ تہ اتان خدا جي صندوق کڻي اچن، يعني انهي جي، جو ڪروبين تي ويٺل خداوند آهي، ۽ جنهن کي اُهو نالو وٺي سڏبو آهي.


۽ دائود سڀ اسرائيلي يروشلم ۾ آڻي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي صندوق کڻي، جيڪا جاءِ انهيءَ جي لاءِ تيار ڪئي هئائين، اتي رکي.


۽ وڏن پاڻين تي سيحور جو اَن ۽ نيل نديءَ جو فصل، اُن جي آمدني هئي؛ ۽ هو قومن جي واپار جو هنڌ هو.


۽ هاڻي سيحور جي پاڻي پيئڻ لاءِ مصر ڏي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟ يا فرات نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ اسور جي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟


پوءِ بني اسرائيل سفر ڪري اڳتي هليا، ۽ ٽئين ڏينهن هنن جي شهرن ۾ اچي داخل ٿيا. هاڻي هنن جا شهر جبعون، ۽ ڪفيرہ، ۽ بيروت، ۽ قريٿ يعريم هئا.


۽ هنن قريت يعريم جي رهاڪن ڏي قاصد موڪلي چيو تہ فلستي خداوند جي صندوق موٽائي کڻي آيا آهن؛ اوهين لهي اچو، ۽ اُها پاڻ وٽ کڻي وڃو.


۽ قريت يعريم جا ماڻهو آيا، ۽ اُنهن خداوند جي صندوق کڻي ابينداب جي گهر آندي، جو ٽڪريءَ تي هو؛ ۽ انهي جي پٽ اليعزر کي خداوند جي صندوق جي سنڀال لاءِ خاص طرح پاڪ ڪيائون.


۽ هيئن ٿيو تہ جنهن ڏينهن صندوق قريت يعريم ۾ رهي، تنهن کان پوءِ گهڻو عرصو گذريو؛ يعني ويهہ ورهيہ گذريا: پوءِ اسرائيل جو سارو گهراڻو خداوند جي اڳيان گڏ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ