Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 13:3 - Sindhi Bible

3 ۽ پوءِ اسين وري پنهنجي خدا جي صندوق پاڻ وٽ کڻي اچون: ڇالاءِ جو سائول جي ڏينهن ۾ اسان انهيءَ کان پڇا ڪانہ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ اسين هلي پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق موٽائي کڻي اچون، ڇاڪاڻ تہ سائول جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ اسان انهيءَ کي نظرانداز ڪيو هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 13:3
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود اسرائيل جي ساري جماعت کي چيو تہ جي اوهان کي مناسب نظر اچي، ۽ جي خداوند اسان جي خدا جي اهڙي مرضي هجي، تہ جيڪي اسان جا ڀائر اسرائيل جي ساري ملڪ ۾ باقي رهيا آهن، ۽ جن سان سندن ٻهراڙيءَ وارن شهرن ۾ ڪاهن ۽ لاوي آهن، تن ڏي چوائي موڪليون تہ اچي سڀ اسان وٽ گڏ ٿين:


۽ ساري جماعت چيو تہ اسين ائين ڪرڻ گهرون ٿا: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ ساري قوم جي نظر ۾ مناسب آهي.


ڇالاءِ جو جڏهن اوهان پهريون دفعو انهيءَ کي نہ کنيو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڪڙڪي پيو، ڇو جو اسان قانون موجب کيس نہ ڳوليو هو.


ڏسو، افراتا ۾ اسان انهي جي خبر ٻڌي: ۽ جهنگ جي ميدان ۾ هو اسان کي مليو.


۽ سائول اخياہ کي چيو تہ خدا جي صندوق کڻي اچ، ڇالاءِ جو خدا جي صندوق انهي وقت بني اسرائيل وٽ اُتي هئي.


پوءِ سائول چيو تہ هلو تہ رات جو فلستين تي ڪاهي هلون، ۽ صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين انهن کي ڦريون لٽيون، ۽ انهن مان هڪڙو ماڻهو بہ نہ ڇڏيون. ۽ هنن چيو تہ جيڪي توکي مناسب نظر اچي سو ڪر. تڏهن ڪاهن چيو تہ اچو تہ پهرين خداوند جي ويجهو وڃون.


۽ هن انهي جي لاءِ خداوند کان سوال گهريو، ۽ هن کي ماني ڏنائين، ۽ جالوت فلستيءَ جي ترار بہ ڏنائينس.


آءٌ اڄ ئي هن جي لاءِ خدا کان دعا گهرڻ لڳو آهيان ڇا؟ شل اهڙو ڪم مون کان پري هجي: بادشاهہ پنهنجي ٻانهي تي، يا منهنجي پيءُ جي ساري گهر تي، ڪوبہ الزام نہ آڻي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي کي انهي بابت ڪابہ خبر ڪانهي، نہ ٿوري نہ گهڻي.


تنهنڪري دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟ ۽ خداوند دائود کي چيو تہ وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار، ۽ قعيلہ کي بچاءِ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ