Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 13:2 - Sindhi Bible

2 ۽ دائود اسرائيل جي ساري جماعت کي چيو تہ جي اوهان کي مناسب نظر اچي، ۽ جي خداوند اسان جي خدا جي اهڙي مرضي هجي، تہ جيڪي اسان جا ڀائر اسرائيل جي ساري ملڪ ۾ باقي رهيا آهن، ۽ جن سان سندن ٻهراڙيءَ وارن شهرن ۾ ڪاهن ۽ لاوي آهن، تن ڏي چوائي موڪليون تہ اچي سڀ اسان وٽ گڏ ٿين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پوءِ هن بني اسرائيل جي سڀني گڏ ٿيل ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهان کي مناسب نظر اچي ۽ جيڪڏهن خداوند اسان جي خدا جي مرضي هجي تہ اسين پنهنجن باقي رهيل هم‌وطنن ۽ ساڻن گڏ رهندڙ ڪاهنن ۽ لاوين ڏانهن قاصد موڪليون تہ اهي سڀ اچي اسان وٽ گڏ ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 13:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن چيس تہ جيڪڏهن تون اڄ هنن ماڻهن جو خادم ٿيندين، ۽ هنن جي خدمت ڪندين، ۽ ورندي ڏيندين، ۽ هنن سان چڱيون ڳالهيون ڪندين، تہ هو هميشہ لاءِ تنهنجا ٻانها ٿي گذاريندا.


پر بادشاهہ يورام موٽي يزرعيل ۾ ويو هو تہ جيڪي زخم هن کي ارام جي بادشاهہ حزائيل سان وڙهندي ارامين جي هٿان رسيا هئا، تن جو علاج ڪري؛) ۽ ياهوءَ چيو تہ جيڪڏهن اوهان جي دل جي مراد اها آهي تہ تڏهن ڪوبہ هن شهر مان ڀڄي نڪري نہ وڃي، جو وڃي يزرعيل ۾ اها خبر رسائي.


۽ جڏهن اسرائيل جا سڀ ماڻهو، جي انهيءَ واديءَ ۾ هئا، تن ڏٺو تہ هو ڀڄي ويا، ۽ سائول ۽ سندس پٽ مارجي ويا، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجا شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا، ۽ فلستي اچي انهن ۾ رهڻ لڳا.


۽ دائود هزارن ۽ سوَن جي سردارن سان، بلڪ سڀ ڪنهن منهندار سان صلاح مصلحت ڪئي.


۽ پوءِ اسين وري پنهنجي خدا جي صندوق پاڻ وٽ کڻي اچون: ڇالاءِ جو سائول جي ڏينهن ۾ اسان انهيءَ کان پڇا ڪانہ ڪئي.


جڏهن تون ائين ڪندين، ۽ خدا بہ توکي اهو حڪم ڏيندو، تہ پوءِ تون پوريءَ طرح ڪم هلائي سگهندين، ۽ هي سڀ ماڻهو بہ سلامتيءَ سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هليا ويندا.


جتي ڪا صلاح مصلحت ڪانهي، اتي سڀ ارادا پريشان ٿيو وڃن: پر صلاح ڏيندڙن جي گهڻائيءَ ڪري اُهي قائم ٿا رهن.


شايد خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس مالڪ اسور جي بادشاهہ، جيئري خدا جي گلا ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌايون آهن، تن لاءِ هو ملامت ڪري: تنهن ڪري جيڪي باقي بچيا آهن، تن لاءِ تون دعا گهر.


هاڻي فلستي اسرائيل سان وڙهيا: ۽ اسرائيل جا ماڻهو فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا ۽ جلبوعہ جبل تي قتل ٿي ڪري پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ