Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 13:11 - Sindhi Bible

11 ۽ دائود رنج ٿيو، ڇالاءِ جو خداوند عزا تي اچي ڪڙڪيو: ۽ هن انهيءَ هنڌ جو نالو پرض عزا رکيو، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 سو دائود سخت ڪاوڙيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو غضب عُزہ تي اچي ڪڙڪيو هو. پوءِ انهيءَ هنڌ جو نالو پرض‌عُزہ پئجي ويو جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو پيو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 13:11
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين اسرائيل جو اولاد ران جي اندرئين پاسي واري نس نہ کائيندو آهي؛ ڇالاءِ جو هن يعقوب جي ران کي هٿ لاتو هو، ۽ هن جي نس چڙهي ويئي.


۽ خداوند جي ڪاوڙ عزہ تي ڀڙڪي؛ ۽ خدا اتي ئي هن کي سندس قصور ڪري ماري وڌو، ۽ هو صندوق جي ڀرسان مري ويو.


۽ دائود انهيءَ ڏينهن خداوند کان ڊنو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح خداوند جي صندوق مون وٽ ايندي؟


۽ خداوند جي ڪاوڙ عزا تي اچي ڀڙڪي، ۽ هن انهيءَ کي ڌڪ هنيو، ڇالاءِ جو هن صندوق ڏانهن پنهنجو هٿ ڊگهو ڪيو: ۽ هو اُتي جو اُتي خدا جي اڳيان مري ويو.


۽ دائود انهيءَ ڏينهن خدا کان ڊنو، ۽ چوڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح آءٌ خدا جي صندوق پنهنجي گهر پاڻ وٽ آڻيان؟


ڇالاءِ جو جڏهن اوهان پهريون دفعو انهيءَ کي نہ کنيو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڪڙڪي پيو، ڇو جو اسان قانون موجب کيس نہ ڳوليو هو.


۽ ڪاهن بہ، جيڪي خداوند جي حضور ۾ اچن، سي پاڻ کي پاڪ ڪن، تہ ائين نہ ٿئي جو خداوند مٿن ڪڙڪي پوي.


تڏهن خداوند فرمايو، تہ ڪاوڙجڻ سان تون ڪو چڱو ڪم ٿو ڪرين ڇا؟


۽ يوناہ خدا کي چيو تہ ڪدوءَ جي ول لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ مناسب آهي ڇا؟ ۽ هن چيو، تہ مرڻ تائين ڪاوڙجڻ منهنجي لاءِ مناسب آهي.


۽ هو موآب جي ماٿريءَ ۾ بيت فغور جي سامهون دفن ڪيو ويو: پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي انهي جي قبر جي خبر ڪانهي.


۽ يشوع ٻارهن پٿر يردن جي وچ ۾ انهيءَ هنڌ کوڙي ڇڏيا، جتي عهدنامي جي صندوق جي کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير بيٺا هئا: ۽ اُهي اڄ ڏينهن تائين اُتي آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ