Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 13:1 - Sindhi Bible

1 ۽ دائود هزارن ۽ سوَن جي سردارن سان، بلڪ سڀ ڪنهن منهندار سان صلاح مصلحت ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 دائود بادشاهہ لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن تي مقرر ڪيل سڀني سالارن سان صلاح مشورو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 13:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود وري بہ اسرائيل جا چونڊيل ماڻهو گڏ ڪيا، جي ٽيهہ هزار هئا.


۽ بادشاهہ ماڻهو موڪليا، ۽ يهوداہ جا ۽ يروشلم جا بزرگ وٽس آڻي گڏ ڪيائون.


جد جي پٽن مان اهي لشڪر جا سردار هئا: انهن مان جيڪو سڀ کان ننڍو هو سو هڪ سؤ جو مٽ هو؛ ۽ جيڪو سڀ کان وڏو هو سو هڪ هزار جو مٽ هو.


صقلاج ڏي ويندي هن سان منسي مان هيٺيان شامل ٿيا، عدنہ، يوزباد، ۽ يدي عيل، ۽ ميڪاايل، ۽ يوزباد، ۽ اليهو، ۽ ضلتئي، جي منسي جي هزارن جا سردار هئا.


۽ بني اشڪار مان اُهي ماڻهو جن کي زماني جي سمجهہ هئي ۽ ڄاتائون ٿي تہ اسرائيل سان ڇا ڪرڻ گهرجي؛ انهن جا رئيس ٻہ سؤ هئا؛ ۽ انهن جا ٻيا سڀ ڀائر سندن حڪم جا تابعدار هئا.


تنهن کان سواءِ جيڪي انهن کي ويجها هئا يعني تہ اشڪار ۽ زبولون ۽ نفتالي تن بہ مانيون گڏهن ۽ اُٺن ۽ خچرن ۽ ڏاندن تي آنديون، يعني اٽي جا طعام، انجيرن جون ٽڪيون، ۽ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ شراب، ۽ تيل، ۽ ڏاند، ۽ رڍون، جي بيشمار هيون: ڇالاءِ جو اسرائيل ۾ خوشي هئي.


۽ دائود اسرائيل جي ساري جماعت کي چيو تہ جي اوهان کي مناسب نظر اچي، ۽ جي خداوند اسان جي خدا جي اهڙي مرضي هجي، تہ جيڪي اسان جا ڀائر اسرائيل جي ساري ملڪ ۾ باقي رهيا آهن، ۽ جن سان سندن ٻهراڙيءَ وارن شهرن ۾ ڪاهن ۽ لاوي آهن، تن ڏي چوائي موڪليون تہ اچي سڀ اسان وٽ گڏ ٿين:


۽ سليمان سڄي اسرائيل جي هزارن ۽ سوَن جي سردارن، ۽ قاضين ۽ رئيسن سان، جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا سردار هئا، ڳالهيون ڪيون.


تڏهن حزقياہ بادشاهہ صبح جو سوير اُٿيو ۽ شهر جا سڀ امير گڏ ڪيائين ۽ خداوند جي گهر ڏي چڙهي ويو.


جتي ڪا صلاح مصلحت ڪانهي، اتي سڀ ارادا پريشان ٿيو وڃن: پر صلاح ڏيندڙن جي گهڻائيءَ ڪري اُهي قائم ٿا رهن.


جنهن کي پنج قنطار مليا هئا، تنهن يڪدم وڃي انهن سان واپار هلايو، ۽ ٻيا پنج قنطار بہ ڪمايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ