34 ۽ نفتالي مان هڪ هزار سردار ۽ انهن سان گڏ ستٽيهہ هزار سپرن ۽ نيزن وارا.
34 بني نفتاليءَ جا هڪ هزار سالار، جن سان گڏ ستٽيهہ هزار ڍالن ۽ نيزن سان مسلح جوان هئا،
۽ نفتاليءَ جا پٽ؛ يحصي ايل، جوني، يصر ۽ سليم.
زبولون مان جيڪي نڪري لشڪر ۾ وڃڻ جهڙا هئا، ۽ جي هر قسم جي جنگي هٿيارن سان جنگ جو بندوبست ڪري ٿي سگهيا، سي پنجاهہ هزار هئا؛ اُهي جنگ جو انتظام ڪري ٿي سگهيا، ۽ ٻہ دليا ڪين هئا.
۽ دان مان، جيڪي جنگ ڪري ٿي سگهيا، سي اٺاويهہ هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا.