Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 12:32 - Sindhi Bible

32 ۽ بني اشڪار مان اُهي ماڻهو جن کي زماني جي سمجهہ هئي ۽ ڄاتائون ٿي تہ اسرائيل سان ڇا ڪرڻ گهرجي؛ انهن جا رئيس ٻہ سؤ هئا؛ ۽ انهن جا ٻيا سڀ ڀائر سندن حڪم جا تابعدار هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 بني اِسڪار جا ٻہ سؤ سالار، انهن ماڻهن سميت جيڪي سندن حڪم هيٺ هئا. هنن سالارن ڄاتو پئي تہ بني اسرائيل کي ڇا ڪرڻ گھرجي ۽ انهيءَ جو بهترين وقت ڪهڙو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 12:32
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اشڪار هڪڙو مضبوط گڏهہ آهي، جو رڍن جي واڙن جي وچ ۾ ويٺو آهي.


۽ منسيءَ جي اڌ فرقي مان ارڙهن هزار، جي ناليوار ظاهر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ اچي دائود کي بادشاهہ ڪن.


۽ انهن سان گڏ، سندن پيڙهين موجب، سندن ابن جي گهراڻن موافق، جنگ ڪرڻ لاءِ لشڪر جون ٽوليون ڇٽيهہ هزار هيون: ڇالاءِ جو انهن کي گهڻيون زالون ۽ گهڻا پٽ هئا.


تڏهن بادشاهہ انهن ڏاهن ماڻهن کي چيو، جي وقت کي سڃاڻندا هئا، (ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهو قاعدو ۽ حڪم ڄاڻندا هئا، تن سان بادشاهہ جي هلت اهڙي ئي هوندي هئي؛


سياڻي ماڻهوءَ جي ڏاهپ اها آهي تہ پنهنجو رستو سمجهي: پر بي عقلن جي بي عقلي ٺڳي آهي.


ڏاهو ماڻهو مضبوط آهي؛ هائو، علم واري ماڻهوءَ جي طاقت وڌندي ٿي وڃي.


ڏاهپ ڏاهي ماڻهوءَ جي لاءِ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جا انهن حاڪمن کان وڌيڪ آهي جي ڪنهن شهر ۾ آهن.


ڏاهپ جنگ جي هٿيارن کان بهتر آهي: پر هڪڙو ئي گنهگار گهڻي چڱائي چٽ ڪيو ڇڏي.


تنهنجي زماني ۾ پائيداري ٿيندي، نجات، دانائي ۽ علم ججهو ٿيندو: خداوند جو خوف هن جو خزانو آهي.


خداوند جو آواز شهر کي پڪاري چوي ٿو، ۽ ڏاها ماڻهو سندس نالي کان ڊڄندا: لٺ ۽ انهي جي مقرر ڪرڻ واري جي ٻڌو.


۽ جڏهن صبح جو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ اڄ مينهن پوندو: اوهان کي خبر پوي ٿي تہ آسمان جون نشانيون ڪيئن سهي ڪجن؛ پر زماني جون نشانيون سهي ڪري نٿا سگهو.


تنهنڪري اوهين بيوَقوف نہ ٿيو، پر خداوند جي مرضي سمجهو تہ ڪهڙي آهي.


هن جو شان ڍڳي جي پهرئين ڦر جهڙو آهي؛ هن جا سڱ جهنگلي سان جي سڱن جهڙا آهن: انهن سان هو سڀني قومن کي ڌڪي، زمين جي ڇيڙي تائين پهچائيندو: اهي افرائيم جا لک، ۽ منسيءَ جا هزار آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ