Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 12:18 - Sindhi Bible

18 تڏهن عماسيءَ، جو ٽيهن جو سردار هو، تنهن تي روح نازل ٿيو ۽ اهو چوڻ لڳو تہ اي دائود، اسين تنهنجا آهيون، ۽ اي يسيءَ جا پٽ، اسين تنهنجي پاسي آهيون: توتي سلامتي، سلامتي هجي، ۽ تنهنجن مددگارن تي سلامتي هجي؛ ڇالاءِ جو تنهنجو خدا توکي مدد ٿو ڪري. تڏهن دائود انهن جي مرحبا ڪئي ۽ انهن کي ٽولين جا سردار ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 عماسي جيڪو بعد ۾ ”ٽيهن جو ٽولو“ جو سالار ٿيو، تنهن تي خدا جو روح نازل ٿيو ۽ هو چوڻ لڳو تہ ”اي دائود! اسين تنهنجا آهيون، اي يسيءَ جا پٽ! اسين تنهنجي پاسي آهيون. تو تي ۽ تنهنجي مددگارن تي سلامتي هجي، ڇاڪاڻ تہ خدا تنهنجو مددگار آهي.“ تڏهن دائود انهن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجي فوج ۾ کين سالار بڻايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 12:18
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اِتيءَ بادشاهہ کي ورندي ڏئي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي جان جو قسم آهي تہ جنهن بہ هنڌ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ويندو انهيءَ هنڌ ضرور تنهنجو ٻانهو بہ ويندو، پوءِ مري يا جيئي.


۽ ابي سلوم يوآب جي بجاءِ عماسا کي لشڪر جي مٿان مقرر ڪيو. هاڻي عماسا اترا نالي اسرائيليءَ جو پٽ هو، جو يوآب جي ماءُ، ضروياہ جي ڀيڻ ناحس جي ڌيءَ ابيجيل سان سُتو هو.


۽ اوهين عماسا کي چئو تہ تون منهنجو هڏ ۽ ماس ناهين ڇا؟ جيڪڏهن تون منهنجي اڳيان هميشہ جي لاءِ يوآب جي بجاءِ لشڪر جو سردار نہ هجين، تہ شل خدا مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جي مٿان بادشاهہ هوندو هو تڏهن تون ئي اسرائيل کي اندر ٻاهر وٺي ايندو هئين: ۽ خداوند توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي سنڀال ڪندين، ۽ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيندين.


پر بني اسرائيل مان سليمان ٻانها نہ بنايا: بلڪ اُهي جنگي ماڻهو، ۽ سندس نوڪر، ۽ امير، ۽ سردار، ۽ سندس رٿن ۽ گهوڙي سوارن جا عملدار هئا.


۽ جڏهن هو اُتان روانو ٿيو، تڏهن هو يهوناداب بن ريڪاب کي گڏيو، جو سندس استقبال لاءِ ٿي آيو: ۽ هن انهيءَ کي سلام ڪري چيو تہ جيئن منهنجي دل تنهنجيءَ دل سان سچي آهي تيئن تنهنجي دل مون سان آهي يا نہ؟ ۽ يهوناداب ورندي ڏني تہ آهي. تڏهن هن چيس تہ جي ائين آهي تہ تون مون کي پنهنجو هٿ ڏي. ۽ هن کيس پنهنجو هٿ ڏنو؛ ۽ هن کيس چاڙهي پنهنجيءَ رٿ ۾ کڻي ويهاريو.


۽ جيڪو گهر جي ڪم ڪار جي نظرداري ڪندڙ هو، ۽ جيڪو شهر جي سنڀال ڪندڙ هو، ۽ بزرگن، ۽ ٻارن جي پالڻ وارن بہ، ياهوءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ اسين تنهنجا نوڪر آهيون، جيئن تون چوندين تيئن ڪنداسين؛ اسين ٻئي ڪنهن کي بہ بادشاهہ نہ ڪنداسين: جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو آهي سو تون ڪر.


۽ هن منهن دريءَ ڏانهن مٿي ڪري چيو تہ منهنجي پاسي ڪير آهي؟ ڪير؟ ۽ ٻہ ٽي خواجہ ٻاهر نهارڻ لڳا.


۽ جيڪي اهي بهادر مرد دائود وٽ هئا، تن جو شمار هي آهي: يسوبعام، جو هڪڙي حڪمونيءَ جو پٽ هو ۽ ٽيهن جو سردار هو: انهيءَ پنهنجو نيزو ٽن سوَن ماڻهن تي کنيو، ۽ هڪڙي ئي وقت انهن کي ڪُٺائين.


۽ دائود انهن جي استقبال لاءِ نڪري ويو، ۽ انهن کي ورنديءَ ۾ چيائين تہ جيڪڏهن اوهين خير سان مون کي مدد ڏيڻ لاءِ ٿا اچو تہ منهنجي دل اوهان سان ڳنڍجي ويندي: پر جي اوهين دغا ڪري مون کي منهنجن دشمنن جي حوالي ڪرڻ آيا آهيو، تہ جڏهن منهنجي هٿان ڪوبہ قصور نہ ٿيو آهي، تڏهن شل اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا انهيءَ کي ڏسي، ۽ انهيءَ لاءِ ملامت ڪري.


۽ ابيجيل کي عماسا ڄائو: ۽ عماسا جو پيءُ يتر اسماعيلي هو.


هن راستبازيءَ کي زرهہ وانگي ڍڪيو، ۽ نجات جو ٽوپ مٿي تي رکيائين؛ ۽ هن ڪپڙن جي بدران انتقام جي پوشاڪ ڍڪي، ۽ جوش جو جامو پاتائين.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي.


جيڪو منهنجي پاسي نہ آهي سو منهنجي برخلاف آهي؛ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نٿو ڪري، سو ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏي.


۽ جيڪي بہ انهي قاعدي تي هلندا، تن تي ۽ خدا جي اسرائيل تي، شل رحم ۽ اطمينان هجي.


۽ خدا جو روح هن کي محني دان جي منزلگاهہ ۾، صرعہ ۽ استال جي وچ ۾، بيدار ڪرڻ لڳو.


۽ خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو، ۽ هو اسرائيلين جو قاضي ٿيو؛ ۽ هو جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو؛ ۽ خداوند مسوپتاميہ جو بادشاهہ ڪوشن رسعتيم هنن جي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ هنن جو هٿ ڪوشن رسعتيم تي غالب پيو.


۽ خداوند جو روح جدعون تي نازل ٿيو؛ ۽ هن قرناءِ وڄائي؛ ۽ ابيعزر وارا ماڻهو سندس پٺيان اچي گڏ ٿيا؛


۽ روٿ چيو تہ مون کي منٿ نہ ڪر تہ توکي ڇڏي هلي وڃان ۽ تنهنجي پٺيان نہ هلان ۽ موٽي وڃان: ڇالاءِ جو جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ هلنديس؛ ۽ جتي تون رهندينءَ اُتي آءٌ بہ رهنديس: تنهنجي قوم منهنجي قوم ٿيندي، ۽ تنهنجو خدا منهنجو خدا ٿيندو:


۽ سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو، ۽ بيت لحم ۾ آيو، ۽ انهي شهر جا بزرگ ڏڪندا، سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ چيائونس تہ تون خير مان تہ آيو آهين؟


۽ هن چيو تہ خير مان: آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهڻ آيو آهيان. پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مون سان قربانيءَ تي هلو. ۽ هن يسيءَ ۽ سندس پٽن کي پاڪ ڪيو، ۽ هنن کي قربانيءَ تي سڏيائين.


۽ سائول اُنهن پنهنجي نوڪرن کي چيو، تہ اي بنيمينيو، هاڻي ٻڌو، يسيءَ جو پٽ اوهان سڀني کي ٻنيون ۽ ڊاک جا باغ ڏيندو ڇا، يا هو اوهان سڀني کي هزارن جا سردار، ۽ سوَن جا سردار ڪندو ڇا؟


خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪري، ۽ خداوند منهنجو توکان وير وٺي: پر منهنجو هٿ توتي نہ پوندو.


جيئن اڳين زماني جي ماڻهن جو پهاڪو آهي، شريرن مان شرارت پيدا ٿي ٿئي: پر منهنجو هٿ توتي نہ پوندو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود سائول کي ايترو چئي بس ڪيو، تڏهن سائول چيو تہ اي منهنجا پٽ دائود، اهو آواز تنهنجو آهي ڇا؟ پوءِ سائول رڙيون ڪري روئڻ لڳو.


۽ هو انهن کي پنهنجي لاءِ هزارن جو عملدار، ۽ پنجاهن جو عملدار مقرر ڪندو: ۽ ڪن کي هو پنهنجي زمين کيڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجي فصل لڻڻ لاءِ، ۽ جنگ جي هٿيارن جوڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجين گاڏين جي اوزارن جوڙڻ لاءِ رکندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ