Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 12:17 - Sindhi Bible

17 ۽ دائود انهن جي استقبال لاءِ نڪري ويو، ۽ انهن کي ورنديءَ ۾ چيائين تہ جيڪڏهن اوهين خير سان مون کي مدد ڏيڻ لاءِ ٿا اچو تہ منهنجي دل اوهان سان ڳنڍجي ويندي: پر جي اوهين دغا ڪري مون کي منهنجن دشمنن جي حوالي ڪرڻ آيا آهيو، تہ جڏهن منهنجي هٿان ڪوبہ قصور نہ ٿيو آهي، تڏهن شل اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا انهيءَ کي ڏسي، ۽ انهيءَ لاءِ ملامت ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تڏهن دائود انهن جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيو ۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهين نيڪ ارادن سان منهنجي مدد ڪرڻ آيا آهيو تہ پوءِ آءٌ اوهان کي ڀليڪار چوان ٿو ۽ اوهين مون سان شامل ٿي وڃو. پر جيڪڏهن مون کي منهنجي دشمنن جي حوالي ڪرڻ جي نيت سان آيا آهيو، توڙي جو مون اوهان سان ڪابہ بڇڙائي نہ ڪئي آهي تہ پوءِ اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا، جيڪو انهيءَ ڳالهہ کي ڄاڻي ٿو سو ئي اوهان سان پڄندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 12:17
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن وڏي ملائڪ ميڪائيل موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جهيڙو ۽ تڪرار ڪيو، تڏهن کيس ايتري همت نہ ٿي تہ هن جي برخلاف ڦٽڪار ڪري، پر فقط ايترو چيائين تہ خداوند توکي ملامت ڪري.


هن گاريون کاڌيون، پر موٽائي گار نہ ڏنائين؛ هن ڏک سَٺو پر ڪنهن کي بہ ڌمڪايائين ڪين؛ بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين.


رڳو هيترو ڪريو تہ اوهان جي هلت چلت مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق ٿئي: پوءِ آئون اچي اوهان کي گڏجان يا نہ، تہ بہ اوهان جو احوال اهو ٻُڌان تہ اوهين هڪڙي ئي روح ۾ قائم آهيو، ۽ هڪدل ٿي خوشخبريءَ جي ايمان لاءِ جانفشاني ڪندا ٿا رهو.


آخر ۾، اي ڀائرو، شل خوش هجو. ڪامل ٿيو؛ دلجاءِ ڪريو؛ يڪ دلا ٿيو؛ اطمينان ۾ رهو؛ ۽ خدا، جو محبت ۽ اطمينان جو چشمو آهي، سو اوهان سان هجي.


هاڻي اي ڀائرو، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نالي اوهان کي عرض ٿو ڪريان، تہ اوهين سڀيئي هڪ ڳالهہ تي اچي بيهو: ۽ اوهان ۾ ڪي بہ جدائيون نہ پون، بلڪ اوهين يڪدل ۽ يڪراءِ ٿي پاڻ ۾ گڏجي يڪ مُشت ٿيو.


۽ ايمان وارن جي جماعت يڪ دل ۽ يڪ جان هئي، ۽ منجهانئن ڪوبہ ائين ڪونہ چوندو هو تہ جيڪا ملڪيت مون وٽ آهي سا منهنجي آهي. بلڪ هو سڀني شين ۾ هڪ جهڙا ڀائيوار هوندا هئا.


۽ خداوند شيطان کي چيو، تہ اي شيطان، خداوند توتي ملامت ڪري، هائو، خداوند جنهن يروشلم کي پسند ڪيو آهي، سو تو تي ملامت ڪري. هيءَ اُها اُماڙي آهي ڇا جا باهہ مان بچائي ويئي آهي؟


۽ آءٌ هنن کي هڪڙي دل ۽ هڪڙي واٽ ڏيندس، تہ هميشہ مون کان ڊڄندا رهن، تہ کين، ۽ کانئن پوءِ سندن اولاد کي چڱائي رسي:


اي خداوند مون کي پنهنجي واٽ سيکار؛ آءٌ تنهنجي سچائيءَ تي هلندس. منهنجي دل هڪ پاسي ڪر تہ تنهنجي نالي کان ڊڄندو رهان.


اي خداوند، پنهنجي غصي ۾ اُٿ، منهنجي دشمن جي جوش جي برخلاف اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ۽ مون لاءِ جاڳ؛ تو انصاف جو حڪم ڏنو آهي.


۽ جڏهن هو اُتان روانو ٿيو، تڏهن هو يهوناداب بن ريڪاب کي گڏيو، جو سندس استقبال لاءِ ٿي آيو: ۽ هن انهيءَ کي سلام ڪري چيو تہ جيئن منهنجي دل تنهنجيءَ دل سان سچي آهي تيئن تنهنجي دل مون سان آهي يا نہ؟ ۽ يهوناداب ورندي ڏني تہ آهي. تڏهن هن چيس تہ جي ائين آهي تہ تون مون کي پنهنجو هٿ ڏي. ۽ هن کيس پنهنجو هٿ ڏنو؛ ۽ هن کيس چاڙهي پنهنجيءَ رٿ ۾ کڻي ويهاريو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يورام ياهوءَ کي ڏٺو تڏهن پڇڻ لڳو تہ اي ياهو، خير سلامتي تہ آهي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيسين تنهنجي ماءُ ايزبل جون زناڪاريون ۽ انهيءَ جون جادوگريون ايتريون هونديون تيسين خير سلامتي ڪهڙي آهي؟


تنهن کان پوءِ ادونياہ بن حجيت سليمان جي ماءُ بت سبع وٽ آيو. ۽ هن چيس تہ تون خير مان ٿو اچين؟ ۽ هن چيو تہ خير مان.


تڏهن يونتن ۽ دائود پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، ڇالاءِ جو هن انهي کي پنهنجي ساهہ جيترو پيار ٿي ڪيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي تڏهن يونتن جو روح دائود جي روح سان اٽڪي ويو، ۽ يونتن هن کي پنهنجي ساهہ جهڙو پيارو سمجهيو.


۽ سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو، ۽ بيت لحم ۾ آيو، ۽ انهي شهر جا بزرگ ڏڪندا، سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ چيائونس تہ تون خير مان تہ آيو آهين؟


ابرهام جو خدا، ۽ نحور جو خدا، ۽ سندن پيءُ جو خدا، اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪندو. تڏهن يعقوب انهيءَ جو قسم کنيو، جنهن جو سندس پيءُ اسحاق کي خوف هو.


جيڪڏهن منهنجي پيءُ جو خدا، يعني ابرهام جو خدا، جنهن جو اسحاق کي بہ خوف آهي، سو مون سان نہ هجي ها، تہ جيڪر هاڻي تون مون کي ضرور خالي هٿين روانو ڪرين ها. خدا منهنجا ڏک ۽ منهنجن هٿن جو پورهيو ڏٺو آهي، تنهنڪري ڪلهہ رات توکي ڇينڀيو اٿس.


۽ بني بنيمين ۽ يهوداہ مان ڪي دائود وٽ قلعي ۾ آيا.


تڏهن عماسيءَ، جو ٽيهن جو سردار هو، تنهن تي روح نازل ٿيو ۽ اهو چوڻ لڳو تہ اي دائود، اسين تنهنجا آهيون، ۽ اي يسيءَ جا پٽ، اسين تنهنجي پاسي آهيون: توتي سلامتي، سلامتي هجي، ۽ تنهنجن مددگارن تي سلامتي هجي؛ ڇالاءِ جو تنهنجو خدا توکي مدد ٿو ڪري. تڏهن دائود انهن جي مرحبا ڪئي ۽ انهن کي ٽولين جا سردار ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ