8 ۽ هن اهو شهر چوڌاري، ملو کان وٺي آس پاس اڏايو: ۽ باقي شهر جي مرمت يوآب ڪرائي.
8 هن اهو شهر دڙي جي چوڌاري ڀت تائين وڌائي ٺهرايو ۽ باقي شهر جي مرمت يوآب ڪرائي.
۽ بادشاهہ جي برخلاف هن جي هٿ کڻڻ جو هي سبب هو: سليمان ملو جوڙايو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر جي، جتان اُهو ڀڄي پيو هو، اُتان مرمت ڪرائي.
۽ جيڪا زور جي ڀرتي سليمان بادشاهہ گڏ ڪئي، تنهن جو سبب هيءُ هو؛ تہ خداوند جو گهر، ۽ خود پنهنجو گهر، ۽ ملو، ۽ يروشلم جي ڀت، ۽ حصور، ۽ مجدو، ۽ جزر اڏائي.
۽ هن جا نوڪر اُٿيا ۽ منصوبو ڪيائون ۽ ملو جو گهر، جو سلا جي لاهيءَ تي آهي، تنهن وٽ يوآس کي ماريائون.
۽ دائود انهيءَ قلعي ۾ رهڻ لڳو؛ تنهنڪري انهيءَ کي دائود جو سڏڻ لڳا.
۽ دائود وڌندو ۽ زور وٺندو ويو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ساڻس هو.
۽ پنهنجن ڀائرن ۽ سامريا جي لشڪر جي اڳيان، بيهي چوڻ لڳو تہ هي ضعيف يهودي ڇا ٿا ڪن؟ هو پنهنجي لاءِ قلعا جوڙيندا ڇا؟ هو قربانيون چاڙهيندا ڇا؟ هو هڪڙي ڏينهن ۾ ڪم پورو ڪندا ڇا؟ ڪچري جي ڍڳن مان جيڪي پٿر سڙي ويا آهن، سي ڪڍي هو وري بيهاريندا ڇا؟
پر جي نہ تہ ڀلي ابيملڪ مان باهہ نڪري سڪم جي ماڻهن، ۽ ملو جي گهراڻي کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي؛ ۽ ڀلي تہ سڪم جي ماڻهن ۽ ملو جي گهراڻي مان باهہ نڪري ابيملڪ کي کائي وڃي.
تڏهن سڪم جا سڀ ماڻهو، ۽ ملو جو گهراڻو اچي گڏ ٿيا، ۽ سڪم ۾ ٺلهہ واري شاهہ بلوط وٽ وڃي ابيملڪ کي بادشاهہ ڪيائون.