Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 11:5 - Sindhi Bible

5 ۽ يبوسين جي رهاڪن دائود کي چيو تہ تون هتي متان اچين. انهيءَ هوندي بہ دائود صيئون جو مضبوط قلعو ورتو؛ ۽ اهو آهي دائود جو شهر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 يبوس جي رهاڪن دائود کي چيو تہ ”تون شهر ۾ هرگز داخل نہ ٿيندين.“ انهيءَ هوندي بہ دائود صيئون جو مضبوط قلعو يعني يروشلم قبضي ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ”دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 11:5
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود انهيءَ قلعي ۾ رهندو هو، ۽ انهيءَ کي دائود جو شهر سڏيائون، ۽ دائود ملو کان وٺي اندر تائين چوڌاري گهر جوڙايا.


انهيءَ ڪري دائود خداوند جي صندوق پاڻ وٽ دائود جي شهر ۾ آڻڻ نہ گهري؛ پر دائود انهيءَ کي پاسيرو ڪري عوبيد ادوم حتيءَ جي گهر کڻي ويو.


۽ ماڻهن بادشاهہ دائود کي ٻڌايو تہ خداوند عوبيد ادوم جي گهراڻي کي، ۽ جن جو انهيءَ سان واسطو آهي تن سڀني کي خدا جي صندوق ڪري برڪت ڏني آهي. تڏهن دائود وڃي عوبيد ادوم جي گهر مان خدا جي صندوق خوشيءَ سان دائود جي شهر ۾ کڻي آيو.


پوءِ سليمان، اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، ۽ بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار يروشلم ۾ پاڻ وٽ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر مان، يعني صيئون مان ڪڍي آڻين.


۽ دائود ۽ سڀ اسرائيلي يروشلم ۾ (يعني يبوس ۾) ويا؛ ۽ يبوسي جي انهيءَ زمين جا رهاڪو هئا، سي اتي هئا.


۽ دائود چيو تہ جيڪو پهرين پهرين يبوسين کي فتح ڪندو سو رئيس ۽ سردار ٿيندو. ۽ يوآب بن ضروياہ پهرين ڪاهي ويو ۽ اُهو سردار ڪيو ويو.


۽ دائود انهيءَ قلعي ۾ رهڻ لڳو؛ تنهنڪري انهيءَ کي دائود جو سڏڻ لڳا.


تنهن کانپوءِ سليمان اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار، يروشلم ۾ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر يعني صيئون مان کڻي يروشلم ۾ آڻين.


ڇو تہ اتي عدالت جا تخت، يعني دائود جي گهراڻي جا تخت رکيل آهن.


ڇالاءِ جو خداوند صيون کي چونڊيو آهي؛ ۽ انهن کي پنهنجي رهڻ لاءِ پسند ڪيو اٿس.


۽ چوندو تہ مون پنهنجي بادشاهہ کي پاڪ جبل صيون تي ويهاريو آهي.


اُتر پاسي صيون جبل، جو وڏي بادشاهہ جو شهر آهي، سو بلند، خوشنما ۽ ساريءَ زمين جي خوشي جو سبب آهي.


پر يهوداہ جي قبيلي کي چونڊي، صيون جبل کي پسند ڪيائين.


يعقوب جي سڀني رهڻ جي جاين کان صيون جا دروازا خداوند کي وڌيڪ پيارا آهن.


۽ صيون بابت چيو ويندو تہ هي ۽ هو ماڻهو اتي ڄائو هو؛ ۽ خدا تعاليٰ پاڻ انهي کي قائم ڪندو.


خداوند جي تعريف ڳايو، جو صيون ۾ ٿو رهي؛ ۽ ماڻهن ۾ سندس ڪمن جو بيان ڪريو.


جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ ٿاٻي کارائڻ وارو پهڻ ۽ ٺوڪر کارائڻ واري ڇپ ٿو رکان: ۽ جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


پر اوهين صيون جبل وٽ، زندہ خدا جي شهر، يعني آسمان واري يروشلم وٽ آيا آهيو، ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ؛


۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ اهو گهيٽو صيون جبل تي بيٺو آهي، ۽ ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي سندس نالو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل هو.


پر انهيءَ ماڻهو اُها رات اُتي ٽڪڻ جي نہ ڪئي، ۽ اُٿي هليو، ۽ يبوس جي سامهون آيو (جو يروشلم آهي): ۽ هن سان ٻہ گڏهہ زين پيل هئا؛ ۽ سندس سريت بہ ساڻس هئي.


۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟


تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ