Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 11:23 - Sindhi Bible

23 هن هڪڙو مصري شخص ڪُٺو، جو تمام وڏي قد جو هو، يعني پنج هٿ ڊگهو هو؛ ۽ انهيءَ مصريءَ جي هٿ ۾ ڪوريءَ جي شهتير جهڙو هڪڙو نيزو هو؛ ۽ هو انهيءَ تي هڪڙي لٺ کڻي ڪاهي ويو ۽ انهيءَ مصريءَ جي هٿ مان نيزو ڦري ورتائين، ۽ انهيءَ جي نيزي سان انهيءَ کي ڪُٺائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 هن هڪڙو مصري شخص پڻ ماري وڌو جيڪو ٻن ميٽرن کان وڌيڪ ڊگھو هو. جيتوڻيڪ ان مصريءَ جي هٿ ۾ ڪوريءَ جي لٺ جهڙو هڪڙو نيزو هو، تڏهن بہ بناياہ هڪڙي لٺ کڻي مٿس حملو ڪيو ۽ سندس هٿ مان نيزو کسي سندس ئي نيزي سان ماري وڌائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 11:23
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بناياہ بن يهويدع اهي ڪم ڪيا ۽ ٽنهي پهلوانن ۾ ناميارو ٿيو.


۽ وري بہ فلستين سان جنگ لڳي: ۽ الحنان بن يعور، لحميءَ کي قتل ڪيو جو جوليت جاتيءَ جو ڀاءُ هو، جنهن جي نيزي جو ٿر ڪوريءَ جي شهتير جهڙو هو.


(ڇالاءِ جو رفائيم جي نسل منجهان فقط بسن جو بادشاهہ عوج وڃي بچيو هو: ۽ ڏس، هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو؛ ۽ اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ موجود نہ آهي ڇا؟ انهي جي ڊيگهہ، ماڻهوءَ جي هٿن جيڏا نوَ هٿ، ۽ انهي جي ويڪر چار هٿ هئي.)


۽ فلستين جي لشڪرگاهہ مان هڪڙو پهلوان نڪتو، جنهن جو نالو جالوت هو، جو جات جو هو، ۽ جنهن جو قد ڇهہ هٿ ۽ هڪڙي گرانٺ هو.


تڏهن دائود ڊوڙي فلستيءَ تي چڙهي بيٺو، ۽ سندس ترار کپ مان ڪڍي انهي سان ڪُٺائينس، ۽ سسي وڍي ڌار ڪيائينس. ۽ جڏهن فلستين ڏٺو تہ سندن پهلوان مارجي ويو، تڏهن هو اُٿي ڀڳا.


۽ سندس نيزي جي ڇڙ ڪوريءَ جي شهتير جهڙي هئي؛ ۽ سندس نيزي جو ڦر تور ۾ لوهہ جا ڇهہ سؤ شيڪل هو: ۽ هن جو زرهہ بردار سندس اڳيان هلندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ