Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 11:21 - Sindhi Bible

21 انهن ٽنهي مان هو ٻين ٻن کان زيادہ عزت وارو هو، ۽ انهن جو سردار ڪيو ويو: انهيءَ هوندي بہ هو پهرين ٽن جي برابر نہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 ”ٽيهن جو ٽولو“ مان هو ٻين سڀني کان وڌيڪ ناليوارو هو ۽ سندن اڳواڻ بڻيو، انهيءَ هوندي بہ هو انهن ”ٽن جو ٽولو“ جي مٽ نہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 11:21
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن ٽنهي مان مکيہ ابيشي يوآب جو ڀاءُ، ضروياہ جو پٽ هو. ۽ انهيءَ پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ انهن ٽن مان نالي وارو ٿيو.


۽ انهن ٽنهي مان ابيشيءَ، يوآب جو ڀاءُ، مکيہ هو: ڇالاءِ جو هو پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهي ويو، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ ”ٽيهن جو نالو“ جهڙو نالو ڪڍيائين.


بناياہ بن يهويدع، جو قبضيئلي جي هڪڙي پهلوان جو پٽ هو ۽ جنهن بهادريءَ جهڙا ڪم ڪيا هئا، تنهن موآب واري اري ايل جا ٻہ پٽ قتل ڪيا: هن برف جي وقت، هڪڙي کڏ منجهہ هڪڙو شينهن بہ ماري وڌو.


۽ انهن دائود کي رولن جي ٽوليءَ سان وڙهڻ ۾ مدد ڪئي: ڇالاءِ جو اُهي سڀ همٿ وارا بهادر مرد هئا، ۽ لشڪرن جا سردار هئا.


۽ ڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا ۽ اُنهن ڦل جهليو، ڪن سؤڻو، ڪن سٺوڻو ۽ ڪن ٽيهوڻو.


سج جو جلال هڪڙو ۽ چنڊ جو جلال ٻيو، ۽ تارن جو جلال ٻيو، بلڪ تاري، تاري جي جلال موافق ناهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ