Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 11:20 - Sindhi Bible

20 ۽ انهن ٽنهي مان ابيشيءَ، يوآب جو ڀاءُ، مکيہ هو: ڇالاءِ جو هو پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهي ويو، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ ”ٽيهن جو نالو“ جهڙو نالو ڪڍيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 يوآب جو ڀاءُ ابي‌شي ”ٽيهن جو ٽولو“ جو اڳواڻ هو. هن پنهنجو نيزو کڻي ٽي سؤ ماڻهن تي ڪاهہ ڪري کين ماري وڌو ۽ انهن ”ٽن جو ٽولو“ وارن بهادرن جهڙو نالي وارو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 11:20
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود ٽئين حصي جيترا ماڻهو، يوآب جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا، يوآب جي ڀاءُ ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا جاتي اِتيءَ جي هٿ هيٺ اڳي موڪلي ڏنا. ۽ بادشاهہ ماڻهن کي چيو تہ آءٌ پاڻ بہ اوهان سان ضرور هلندس.


۽ ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ۽ ابيشي، ۽ عساهيل اتي هئا: ۽ عساهيل پيرن جو اهڙو ڇوهو هو جهڙو جهنگلي هرڻ.


۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هاڻي بڪريءَ جو پٽ سبع اسان کي ابي سلوم کان بہ زيادہ نقصان پهچائيندو: تون پنهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر وٺي وڃ ۽ انهيءَ جي پٺيان ڪاهي وڃ، متان هو پنهنجي لاءِ قلعي وارا شهر هٿ ڪري، ۽ ماڻهن جي نظر کان گم ٿي وڃي.


پر ابيشي بن ضروياہ هن جي مدد ڪئي، ۽ انهيءَ فلستيءَ کي شڪست ڏيئي ڪُٺائين، تنهن کان پوءِ دائود جي ماڻهن کيس قسم ڏيئي چيو تہ اڳتي تون اسان سان جنگ تي نہ هلندين متان اسرائيل جو ڏيئو اُجهائي ڇڏين.


انهيءَ طرح يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابيشيءَ، ابنير کي ڪُٺو، ڇالاءِ جو هن انهن جي ڀاءُ عساهيل کي جبعون منجهہ جنگ ۾ ماريو هو.


۽ چيائين تہ خدا نہ ڪري تہ آءٌ ائين ڪريان: هنن ماڻهن جن پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي تن جو رت آءٌ پيان ڇا؟ ڇالاءِ جو انهن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي اهو آندو: تنهنڪري هن اهو پيئڻ نہ گهريو. انهن ٽنهي پهلوانن اهي ڪم ڪيا.


انهن ٽنهي مان هو ٻين ٻن کان زيادہ عزت وارو هو، ۽ انهن جو سردار ڪيو ويو: انهيءَ هوندي بہ هو پهرين ٽن جي برابر نہ هو.


۽ انهن جون ڀينرون هيون ضروياہ ۽ ابيجيل. ۽ ضروياہ جا پٽ؛ ابي شئي، ۽ يوآب، ۽ عساهيل، ٽي ڄڻا.


تڏهن دائود اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ، ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ کي چيو، تہ مون سان ڪير گڏجي سائول وٽ لشڪرگاهہ ۾ لهي هلندو؟ تڏهن ابيشيءَ چيو تہ آءٌ توسان گڏجي هلندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ