Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 11:19 - Sindhi Bible

19 ۽ چيائين تہ خدا نہ ڪري تہ آءٌ ائين ڪريان: هنن ماڻهن جن پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي تن جو رت آءٌ پيان ڇا؟ ڇالاءِ جو انهن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي اهو آندو: تنهنڪري هن اهو پيئڻ نہ گهريو. انهن ٽنهي پهلوانن اهي ڪم ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پاڻي هاريندي دائود چيو تہ ”خدا نہ ڪري جو آءٌ اهو پاڻي پيئان. ڇا آءٌ هنن ماڻهن جو رت پيئان جيڪي پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي اوڏانهن ويا ۽ مون لاءِ اهو پاڻي آندو اٿائون؟“ سو دائود اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي ناليوارن سپاهين جا اهي ئي بهادريءَ وارا ڪم هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 11:19
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر گوشت کي رت سوڌو نہ کائجو، ڇو تہ اهو هن جي جان آهي.


۽ هن چيو تہ اي خداوند، شل ائين نہ ٿئي تہ آءٌ هيئن ڪريان: هي ماڻهو پنهنجي ساهہ تان آهو کڻي ويا تن جو رت پيئان ڇا؟ تنهنڪري هن اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي پهلوانن هي ڪم ڪيا.


۽ نبوت اخي آب کي چيو تہ خداوند شل ائين نہ ڪري تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو توکي ڏيان.


تڏهن اُهي ٽيئي فلستين جي لشڪر مان ڪاهي لنگهي ويا ۽ در جي پاسي واري بيت الحم جي کوهہ مان پاڻي ڪڍي کڻي آيا ۽ آڻي دائود کي ڏنائون: پر دائود انهيءَ مان نہ پيتو، پر خداوند جي لاءِ هاري ڇڏيائين،


۽ انهن ٽنهي مان ابيشيءَ، يوآب جو ڀاءُ، مکيہ هو: ڇالاءِ جو هو پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهي ويو، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ ”ٽيهن جو نالو“ جهڙو نالو ڪڍيائين.


جيڪڏهن منهنجي تنبوءَ جي ماڻهن ائين نہ چيو هجي، تہ ڪير اهڙو ماڻهو آهي جنهن هن وٽان گوشت سان ڍءُ نہ ڪيو آهي؟


هو انهن جي جان ظلم ۽ زبردستيءَ کان بچائيندو؛ انهن جو رت سندس نظر ۾ قيمتي ٿيندو:


۽ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، تہ انهي رت کائڻ واري ماڻهوءَ کان آءٌ پنهنجو منهن ڦيرائيندس، ۽ انهن کي سندس قوم مان تباهہ ڪندس.


۽ چيائين تہ عهد جو هيءُ منهنجو رت آهي، جو گهڻن لاءِ وهائجي ٿو.


ڇالاءِ تہ منهنجو گوشت سچ پچ کائڻ جي شيءِ آهي، ۽ منهنجو رت سچ پچ پيئڻ جي شيءِ آهي.


جي منهنجي حياتيءَ جي لاءِ پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ تيار هئا، تن جو نہ فقط آئون شڪرگذار آهيان، پر غير قومن جو سڀ ڪليسيائون بہ.


۽ ڇو اسين بہ هر گهڙي خطري ۾ پيا گذاريون؟


زبولون ۽ نفتالي اُهي قومون هيون، جن مرڻ تائين پنهنجيون حياتيون ميدان جي مٿانهين جاين تي خوف ۾ وڌيون.


(ڇالاءِ جو منهنجو پيءُ اوهان جي لاءِ وڙهيو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌائين، ۽ اوهان کي مديانين جي هٿن مان ڇڏايائين:


ڇالاءِ جو هن پنهنجو ساهہ تري تي رکي هن فلستيءَ کي ماريو، ۽ خداوند ساري اسرائيل کي هڪڙي وڏي فتح حاصل ڪرائي: تو پاڻ اها ڏٺي ۽ خوشي ظاهر ڪئي: تڏهن ڇو هن بيگناهہ جو رت هارڻ ٿو گهرين ۽ بي سبب هن کي مارائڻ ٿو گهرين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ