Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 11:16 - Sindhi Bible

16 ۽ دائود تڏهن ڪوٽ ۾ هو، ۽ فلستين جي پهري وارن جي فوج تڏهن بيت الحم ۾ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهن وقت دائود قدرتي ٺهيل قلعي ۾ هو ۽ فلستين جي ٽولي بيت‌لحم تي قبضو ڪري چڪي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 11:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن فلستين ٻڌو تہ دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو اٿن، تڏهن سڀ فلستي دائود جي تلاش ۾ چڙهي ويا، ۽ دائود اهو ٻڌي قلعي ۾ لهي ويو.


۽ دائود ڏاڍي شوق مان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو بيت الحم جي کوهہ مان، جو دروازي جي پاسي ۾ آهي، مون کي پيئڻ لاءِ پاڻي آڻي ڏي تہ ڪهڙي نہ چڱي ڳالهہ ٿئي!


آءٌ پنهنجي آواز سان خداوند کي ٿو پڪاريان؛ آءٌ پنهنجي آواز سان خداوند کي منٿون ٿو ڪريان.


انهي کان پوءِ تون خدا جي ٽڪريءَ تي اچج، جتي فلستين جي پهري وارو شهر آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون شهر ۾ ايندين، تڏهن توکي بنيمين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جا سنطرو، ۽ دف، ۽ بانسري، ۽ بربط پنهنجي اڳيان کنيو اُنهيءَ مٿانهين جاءِ کان هيٺ لهندي ايندي؛ ۽ اُهي نبوت ڪندا:


۽ فلستين جي قلعي واري فوج نڪري مڪماس جي لڪ تي ويٺي.


۽ سڀني اسرائيلين اها خبر ٻڌي تہ سائول فلستين جي قلعي واري فوج کي ماريو آهي، ۽ اسرائيل ڏانهن فلستين کي نفرت آهي، ۽ ماڻهو سائول جي پٺيان جلجال ۾ اچي گڏ ٿيا.


تنهنڪري دائود اتان روانو ٿيو ۽ عدلام جي غار ڏي ڀڄي ويو: ۽ جڏهن هن جي ڀائرن ۽ سندس پيءُ جي سڄي گهراڻي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اُهي اُتي وٽس آيا.


۽ هو اُنهن کي موآب جي بادشاهہ وٽ وٺي آيو: ۽ جيسين دائود ڳڙهہ ۾ لڪل هو تيسين اُهي هن وٽ رهيا پيا هئا.


۽ جاد نبيءَ دائود کي چيو تہ انهي ڳڙهہ ۾ نہ رهہ؛ هتان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ وڃ. تڏهن دائود نڪري ويو، ۽ حارت جي ٻيلي ۾ آيو.


۽ سائول ۽ سندس ماڻهو هن کي ڳولڻ ويا. ۽ اُنهن دائود کي ٻڌايو: جنهنڪري هو اُنهي ٽڪر وٽ آيو، ۽ معون جي بيابان ۾ رهڻ لڳو: ۽ جڏهن سائول اهو ٻڌو تڏهن هو معون جي بيابان ۾ دائود جي پٺيان پيو


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ