12 ۽ انهيءَ کانپوءِ هو اليعزر بن دودو، اخوحي، جو ٽن بهادر مردن مان هڪڙو هو.
12 انهيءَ کان پوءِ اليعزر ولد دودو اخوحي هو، جيڪو ”ٽن جو ٽولو“ ناليوارن مان هڪ هو.
هو ٽيهن کان وڌيڪ عزت وارو هو، مگر پهرين ٽن جي مٽ نہ هو. ۽ دائود انهيءَ کي پنهنجن پهري وارن جي مٿان رکيو.
انهيءَ کان پوءِ اليعزر بن دودي هو، جو هڪڙي اخوحي جو پٽ هو، جو دائود جي ٽن پهلوانن مان هڪڙو هو، جڏهن اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا هئا تڏهن هو جنگ لاءِ گڏ ٿيل فلستين کي سامهون پيو.
۽ چيائين تہ خدا نہ ڪري تہ آءٌ ائين ڪريان: هنن ماڻهن جن پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي تن جو رت آءٌ پيان ڇا؟ ڇالاءِ جو انهن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي اهو آندو: تنهنڪري هن اهو پيئڻ نہ گهريو. انهن ٽنهي پهلوانن اهي ڪم ڪيا.
انهن ٽنهي مان هو ٻين ٻن کان زيادہ عزت وارو هو، ۽ انهن جو سردار ڪيو ويو: انهيءَ هوندي بہ هو پهرين ٽن جي برابر نہ هو.
۽ ٻئي مهيني جي حصي جي مٿان دودي اخوحي هو، ۽ سندس حصي ۾؛ مقلوت سردار، ۽ حصي جا چوويهہ هزار هئا.
۽ ابيسوع، ۽ نعمان، ۽ اخوح؛