1.تواريخ 10:9 - Sindhi Bible9 ۽ هنن انهيءَ جا ڪپڙا لاٿا، ۽ انهيءَ جي سسي ۽ انهيءَ جا هٿيار لاهي چوڌاري فلستين جي ملڪ ۾ موڪلي ڏنائون، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهن کي ۽ سندن بُتن کي اها خبر پوي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible9 هنن سائول جي سسي لاٿي ۽ سندس زرهہ بہ لاٿائون. پوءِ هنن قاصدن کي اهي شيون ڏيئي پنهنجي ملڪ فلستيا ڏانهن موڪليو تہ وڃي سندن بتخانن ۾ ۽ سڀني ماڻهن کي اها خوشخبري ٻڌائين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر اُٽلندو تو آسمان جي خداوند جي سامهون پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو آهي؛ ۽ سندس گهر جا ٿانوَ تنهنجي اڳيان آندا اٿن ۽ انهن ۾ تو، ۽ تنهنجن اميرن، تنهنجين زالن ۽ تنهنجي سريتن شراب پيتو آهي؛ ۽ تو چاندي ۽ سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي آهي، جي نہ ڏسن ٿا نہ ٻڌن ٿا، ۽ نڪي ڄاڻن ٿا: ۽ خدا جنهن جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي حوالي تنهنجا سڀ رستا آهن، تنهن جي وڏائي تو ظاهر نہ ڪئي آهي: