6 انهي طرح سائول ۽ سندس ٽي پٽ مئا؛ ۽ سندس سارو گهراڻو گڏ مئو.
6 اهڙيءَ طرح سائول ۽ سندس ٽي پٽ مري ويا ۽ سندن سڄي گھراڻي ۾ ڪوبہ تخت جو وارث نہ رهيو.
۽ جڏهن سندس زرهہ بردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي ترار تي ڪِري پيو ۽ مري ويو.
۽ جڏهن اسرائيل جا سڀ ماڻهو، جي انهيءَ واديءَ ۾ هئا، تن ڏٺو تہ هو ڀڄي ويا، ۽ سائول ۽ سندس پٽ مارجي ويا، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجا شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا، ۽ فلستي اچي انهن ۾ رهڻ لڳا.
پر جيڪڏهن اڃا بہ اوهين شرارت جهڙا ڪم ڪندا رهندا، تہ اوهين توڙي اوهان جو بادشاهہ ٻئي چٽ ٿي ويندا.
انهي طرح سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ، ۽ سندس زرهہ بردار، ۽ سندس سڀ ماڻهو ساڳئي ڏينهن گڏ مئا.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن خدا جي صندوق جو نالو ورتو تڏهن هو پٺيرو پنهنجي ڪرسيءَ تان دروازي جي پاسي ڪري پيو، ۽ سندس ڪنڌ ڀڄي پيو ۽ مري ويو: ڇالاءِ جو هو ڪراڙو هو ۽ ڳرو هو؛ ۽ هو چاليهہ ورهيہ اسرائيل جو قاضي ٿي رهيو هو.