Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 10:4 - Sindhi Bible

4 تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون مان لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻ طهريل اچي مون سان نامناسب هلت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين نہ ڪيو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو. تنهنڪري سائول پنهنجي ترار ڪڍي انهيءَ تي ڪِري پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن سائول پنهنجي هٿياربردار کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي ماري ڇڏ، نہ تہ هي اڻ‌طهريل اچي مون کي بي‌عزتو ڪندا.“ پر سندس هٿياربردار ڊڄي ويو ۽ ائين نہ ڪيائين، تنهنڪري سائول پنهنجي تلوار ڪڍي انهيءَ تلوار مٿان ڪري پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 10:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جات ۾ اها ڳالهہ نہ ٻڌاءِ، اسقلون جي گهٽين ۾ اها پڌري نہ ڪر؛ تہ متان فلستين جون ڌيئرون خوشيون ڪن، متان اڻطهريلن جون ڌيئرون فخر ڪن.


۽ هن جوان ماڻهوءَ چيو تہ اتفاق سان جڏهن آءٌ جلبوعہ جبل تي ويس تڏهن ڏسان تہ سائول پنهنجي نيزي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو آهي؛ ۽ ڏس، گاڏيون ۽ گهوڙي سوار بنهہ سندس پٺيان لڳا اچن.


۽ جڏهن اخيتفل ڏٺو تہ سندس صلاح تي نہ هليا آهن، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي هنو رکيو، ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏي ويو، ۽ وڃي گهر پهتو، ۽ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪري پاڻ کي ڦاسي ڏئي لڙڪائي ڇڏيائين؛ ۽ هو مري ويو، ۽ پنهنجي پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن زمريءَ ڏٺو تہ شهر وٺجي ويو، تڏهن هو بادشاهہ جي گهر جي قلعي ۾ ويو، ۽ پنهنجي مٿان بادشاهہ جي گهر کي باهہ ڏيئي ساڙيائين، ۽ مري ويو.


۽ جنگ سائول جي گهڻو برخلاف ويئي ۽ ڪماندار وڃي کيس پهتا: ۽ انهن ڪماندارن جي ڪري هو ڏاڍو تنگ ٿيو.


۽ جڏهن سندس زرهہ بردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي ترار تي ڪِري پيو ۽ مري ويو.


(هاڻي اِنهي ماڻهوءَ، پنهنجي گناهہ جي اُجوري مان وڃي هڪڙي ٻني خريد ڪئي؛ ۽ اونڌو ٿي ڪِري پيو، ۽ پيٽ ڦاٽي پيس ۽ سڀ آنڊا نڪري آيس،


تنهن تي داروغو ننڊ مان جاڳي پيو، ۽ ڏٺائين تہ قيدخاني جا در کُليا پيا آهن، ۽ ڀانيائين تہ قيدي ڀڄي ويا آهن، تنهنڪري پنهنجي ترار ڪڍي پاڻ کي مارڻ تي هو؛


۽ هن کي ڏاڍي اُڃ لڳي، ۽ خداوند کي پڪاري چيائين تہ تو پنهنجي ٻانهي جي هٿان هڪڙو وڏو ڇوٽڪارو ڏنو آهي: ۽ هاڻي آءٌ اُڃ کان مري وڃان، ۽ اڻ طهريلن جي هٿن ۾ وڃي پوان ڇا؟


۽ فلستين اچي پڪڙيس، ۽ سندس اکيون ڪڍي ڇڏيائون؛ ۽ غزہ ۾ وٺي آيس، ۽ پتل جي ٻيڙين سان ٻڌائونس؛ ۽ هو قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ لڳو.


تنهن تي هن جلدي ڪري پنهنجي زرهہ بردار جوان کي ڪوٺي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون کي مار، متان ماڻهو منهنجي نالي ائين چون تہ هڪڙي زال هن کي ماري وڌو، ۽ انهيءَ جوان ترار هن مان آرپار لنگهائي وڌي، ۽ هو مري ويو.


۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هنن اڻ طهريلن جي فوج ۾ هلون: من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري: ڇالاءِ جو ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گهڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي


۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟


تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.


تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو، تہ پنهنجي ترار ڪڍ، ۽ منهنجي آرپار لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻطهريل اچن، ۽ مون کي ونڌي ڇڏين، ۽ مون کي بي عزت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين ڪرڻ نہ گهريو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو، تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي ترار کنئي ۽ انهي تي ڪري پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ