11 ۽ جڏهن ساري يبيس جلعاد ٻڌو تہ فلستين سائول سان ڇا ڇا ڪيو آهي،
11 جيڪي ڪجھہ فلستين سائول سان ڪيو هو، سو جڏهن جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي رهاڪن ٻڌو،
۽ هنن انهيءَ جا هٿيار پنهنجن معبودن جي گهر ۾ رکيا، ۽ انهيءَ جي سسي داجون جي گهر ۾ ٻڌي قابو ڪري ڇڏيائون.
تڏهن سڀ بهادر مرد اُٿيا ۽ سائول ۽ سندس پٽن جا لاشا کڻي يبيس ۾ آندائون، ۽ انهن جا هڏا يبيس ۾ شاهہ بلوط جي وڻن هيٺ پوري ڇڏيائون، ۽ ست ڏينهن روزو رکيائون.
تڏهن هنن چيو تہ اسرائيل جي فرقن مان ڪهڙو آهي جو خداوند جي حضور ۾ نہ آيو؟ ۽ ڏسو يبيس جلعاد مان ڪوبہ جماعت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ لشڪرگاهہ ۾ نہ آيو هو.