تڏهن بادشاهہ جبعونين کي سڏي چيو؛ (هاڻي اهي جبعوني بني اسرائيل مان نہ هئا پر باقي بچيل امورين مان هئا؛ ۽ بني اسرائيل هنن سان قسم کنيو هو: ۽ سائول بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ جي جوش ۾ هنن کي قتل ڪرڻ ٿي گهريو:)
يهوداہ جي بادشاهہ منسيءَ هي ڪراهت ۽ شرارت جهڙا ڪم ڪيا آهن، جي سڀني امورين جي ڪمن کان بہ وڌيڪ آهن، جي کانئس اڳي هئا ۽ يهوداہ کي بہ پنهنجن بتن سان گنهگار ڪرايو آهي:
۽ هن جي دل تو پنهنجي اڳيان سچي ڏٺي، ۽ هن سان اهو عهد اقرار ڪيو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ جرجاسين جي زمين انهيءَ جي اولاد کي ڏيندين ۽ تو پنهنجو انجام پورو ڪيو؛ ڇالاءِ جو تون سچو آهين.
۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.