جو اُهو ڏينهن فلستين کي لٽڻ لاءِ، ۽ صور ۽ صيدون جي باقي رهندڙن سڀ ڪنهن مددگار کي وڍي ڇڏڻ لاءِ، اچي ٿو. ڇالاءِ جو خداوند فلستين کي، يعني ڪفتور جي ٻيٽ جي باقي رهيلن ماڻهن کي، لٽي ڇڏيندو.
خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بني اسرائيل، اوهين منهنجي لاءِ حبشين جي ٻارن جهڙا نہ آهيو ڇا؟ مون اسرائيل کي مصر جي زمين مان، ۽ فلستين کي ڪفتور مان، ۽ ارامين کي قير مان ڪڍي نہ آندو آهي ڇا؟