صفنياہ 3:20 - Muslim Sindhi Bible20 ڏسو، انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي غير قومن منجھان موٽائي پنهنجي پنهنجي گھر آڻيندس ۽ اوهان کي گڏ ڪندس. آءٌ اوهان کي ٻيهر خوشحال ڪندس ۽ اوهين عزت ۽ تعريف جوڳا ٿي ويندا، بلڪ اوهين سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويندا. اهو سڀ ڪجھہ اوهان جي اکين اڳيان ٿيندو.“ اهو خداوند جو فرمان آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي اندر وٺي ايندس، ۽ انهي وقت آءٌ اوهان کي گڏ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ اوهانجين اکين اڳيان اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس، تڏهن آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني قومن ۾ تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند يروشلم کي فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! تنهنجين ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي وسندين ۽ سندن آسپاس وارن ڳوٺن جي اڳوڻي خوشحالي وري بحال ٿيندي. انهيءَ وقت تون ذليل وَ خوار ٿيڻ ڪري پنهنجي ٻنهي ڀينرن جي لاءِ تسليءَ جو باعث بڻبينءَ، ڇاڪاڻ تہ هنن جا گناهہ تو کان گھٽ آهن. تنهن هوندي بہ جڏهن تنهنجي ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي اڳئين خوشحالي وري بحال ٿيندي، تڏهن تون بہ پنهنجي آسپاس وارن ڳوٺن سميت اڳوڻي خوشحاليءَ تي بحال ٿيندينءَ.