صفنياہ 2:15 - Muslim Sindhi Bible15 اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو، جيڪو هاڻي بيفڪر رهي پيو. انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي، اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو، ۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو. جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible15 هي اُهو خوشي ڪندڙ شهر آهي جو بي فڪر رهندو هو، ۽ جو پنهنجي دل ۾ چوندو هو، تہ آءٌ ئي آهيان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونهي: ڪيئن نہ هو ويران ۽ جانورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿي پيو آهي! جيڪو انهيءَ جي پاسي کان لنگهندو سو شوڪارا ڀريندو ۽ پنهنجو هٿ لوڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ کي مون خداوند خدا جو هيءُ پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل تڪبر سان ڀرجي ويئي آهي، تڏهن ئي تو چيو آهي تہ ”آءٌ خدا آهيان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ پنهنجي خدائي تخت تي ويٺو آهيان.“ هائو، تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين، جڏهن تہ تون خدا نہ پر رڳو فاني انسان آهين.