Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 2:14 - Muslim Sindhi Bible

14 نينوہ هر قسم جي چوپائي مال، ۽ جھنگلي جانورن جي جوءِ ٿيندو. ان جي ٿنڀن جي چوٽين تي ڳِجھون ۽ چٻرا اچي آکيرا ٺاهيندا. درين مان انهن جو آواز پيو گونجندو، ۽ چانئٺن تي ڪانوَ اچي ڪانگيرا ڪندا. عمارتن جو اندريون ديال وارو ڪاٺ ڪڍي کنيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 سڀني قسمن جا جانور ۽ ڌڻ انهي ۾ اچي ليٽندا: ان جي ٿنڀن جي چوٽين تي پيڻ پکي ۽ سيڙهہ اچي آکيرا ٺاهيندا، ۽ سندن آواز درين ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو؛ ويراني چانئٺن تي پوندي، ڇالاءِ جو هن ديودار جي ڪاٺ جو ڪم اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 2:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ بيابان جي ڳجھہ وانگر بڻجي ويو آهيان. آءٌ ويران هنڌن جي چٻري جهڙو ٿي پيو آهيان.


آءٌ قادرِمطلق خداوند بابل کي فنا جي ٻهاريءَ سان مِٽائي صاف ڪري ڇڏيندس. انهيءَ کي آءٌ ويران ڪري پير ٻوڙ پاڻيءَ ۽ گپ واري زمين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندس، جتي ٻگھہ پيا رهندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هو چوي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي لاءِ ڪشادين ماڙين سان هڪ وڏو محل تعمير ڪرائيندس.“ سو هو ان ۾ وڏيون دريون وجھرائي ٿو ۽ پوري محل کي اندران ديال جي ڪاٺي لڳرائي ۽ ڳاڙهو رنگ ڏياري سينگاري ٿو.


پوءِ مون پروردگار کي قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو. هن حڪم ڏنو تہ ”عبادت‌گاهہ جي ٿنڀن جي چوٽين کي ڌڪ هنيو وڃي تہ جيئن چانئٺيون لُڏي وڃن، ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي مٿان ڪيرائي سندن مٿا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو وڃي. پر جيڪي ماڻهو اتان بچي ويندا، تن کي آءٌ جنگ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح انهن مان هڪڙو بہ ڀڄي ڪين سگھندو.


اي فلستيؤ! جنهن سمنڊ جي ڪناري تي اوهين رهو ٿا، سو رڳو ريڍارن ۽ رڍن جو ماڳ ٿي ويندو.


هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ