جيتوڻيڪ ارامين جو لشڪر ٿورن ماڻهن جي جٿي سان آيو هو، تڏهن بہ خداوند يهوداہ وارن جي وڏي لشڪر کي انهن کان شڪست ڏياري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو. اهڙيءَ طرح يوآس بادشاهہ تي خدا جي طرفان سزا جو حڪم سچو ثابت ٿيو.
اهڙيءَ طرح خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي فرمايو هو سو پورو ٿيو تہ ”ملڪ ستر سالن تائين ويران رهندو تہ جيئن اتي جي زمين کي جيڪو سبت يعني آرام ڪونہ مليو هو سو ملي.“
آءٌ حڪم ڏيئي وري لشڪر کي يروشلم شهر ڏانهن موٽائي وٺي ايندس. هو هن شهر سان جنگ ڪري مٿس قبضو ڪندا ۽ ان کي ساڙي ڇڏيندا. ان کان علاوہ آءٌ يهوداہ جي ٻين شهرن کي بہ اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو منجھن ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
ٻيو تہ بادشاهہ يهويقيم کي منهنجو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’چمڙي جو اهو ويڙهوٽو ساڙڻ جي تو کي ڪيئن جرئت ٿي ۽ تو يرمياہ جي لکت کي ڇو رد ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو تہ بابل جو بادشاهہ ضرور اچي هن ملڪ کي ناس ڪندو ۽ اتي جي ماڻهن توڙي جانورن کي نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندو؟