Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 1:17 - Muslim Sindhi Bible

17 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ بني آدم تي ايتري مصيبت آڻيندس، جو هو انڌن وانگر ٿيڙ کائيندا، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. هنن جو رت پاڻيءَ وانگر وهايو ويندو، ۽ سندن لاش زمين تي ڳرندا ۽ سڙندا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ آءٌ ماڻهن تي اهڙي مصيبت آڻيندس جو هو انڌن وانگي هلندا، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي: ۽ مٽيءَ وانگي هنن جو رت وهايو ويندو، ۽ هنن جو گوشت ڇيڻي وانگي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 1:17
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي عين‌دور واريءَ جاءِ تي برباد ٿي ويا هئا، ڄڻڪ زمين جو گند ڪچرو ٿي ويا هئا.


خداوند اوهان جي دل ۽ دماغ کي بيهوش ڪري ڇڏيو آهي. هن اوهان جي اکين يعني اوهان جي نبين کي انڌو ڪيو آهي، هائو، هن ڄڻ اوهان جي چهري تي چادر وجھي ڇڏي آهي، جو اوهان جي انهن غيبدانن کي ڏسڻ کان محروم ڪيو اٿس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.


انهيءَ سبب جو خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، جيڪي هن ملڪ ۾ رهن ٿا تن کي آءٌ کانڀاڻيءَ ۾ پيل پٿر وانگر اڇلائڻ وارو آهيان. آءٌ مٿن اهڙي مصيبت آڻيندس جو پاڻيهي ياد ڪندا.“


آءٌ خداوند کين چئن مختلف قسمن جون سزائون ڏيندس. هو جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن لاشن کي ڪتا چيريندا ڦاڙيندا، سندن ماس ڳجھون پيون کائينديون ۽ سندن هڏا جھنگلي جانور چٻاڙي ناس ڪري ڇڏيندا.


پر هاڻ منهنجو عرض آهي تہ تون سندن اولاد کي ڏڪار منجھہ وجھي ڇڏ، ۽ دشمن جي تلوار جي حوالي ڪري ڇڏين. هنن جون زالون سنڍ ۽ بيوہ بڻائي ڇڏ، هنن جا مرد وبا جي حوالي ڪري ماري ڇڏ، ۽ سندن نوجوان جنگ ۾ تلوار سان ڪهائي ڇڏ.


اي بني اسرائيل! ڇا اهو سڀ ڪجھہ تو پنهنجي مٿان پاڻ نہ آندو آهي؟ ڇوجو تو مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو، جڏهن تہ مون تنهنجي رهنمائي پئي ڪئي.


ٻڌ، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا تو کي کولي ٿو ٻڌايان تہ تنهنجي اها بڇڙائي ئي تو کي سزا ڏيندي، تنهنجي اها سرڪشي تو کي ملامت ڪندي. سو تو کي خبر پئجي ويندي تہ مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي تو ڪيڏي نہ خراب ۽ غلط ڳالهہ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تو کي منهنجو ڪو ڊپ ئي نہ رهيو آهي.“


اسان کي خواريءَ سبب شرم ۾ ٻڏي مرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ۽ نافرماني پئي ڪئي آهي.“


اي يهوداہ وارؤ! اوهان جي پنهنجي هلت چلت ۽ اوهان جن پنهنجن افعالن اها مصيبت اوهان جي سر تي آندي آهي. اها اوهان جي بڇڙاين جي سزا آهي. اها ڪيڏي نہ سخت آهي! اها ڪيڏي نہ دل ۾ چڀندڙ آهي!


سندن اهي هڏا سج، چنڊ ۽ آسمان جي ستارن اڳيان پکيڙيا ويندا، جن سان کين محبت هئي ۽ جن جي خدمت ۽ پوڄا ڪندا هئا ۽ جن جي پٺيان لڳي کين سجدا ڪندا هئا. اهي هڏا دفن ڪرڻ لاءِ ميڙي گڏ نہ ڪيا ويندا بلڪ گند ڪچري وانگر زمين تي پکڙيا پيا هوندا.


هن منهنجي گناهن کي پاڃاريءَ جيان، منهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيو آهي. انهن گناهن جو وزن ايترو تہ ڳرو آهي، جو آءٌ بلڪل نستي ٿي پيئي آهيان. هائو، ڌڻيءَ مون کي زورآور دشمنن جي حوالي ڪيو آهي، جن جي مقابلي ڪرڻ جي مون ۾ سگھہ ئي ڪانهي.


تنهن هوندي بہ خداوند عادل آهي. مون ئي سندس حڪمن جي نافرماني ڪئي هئي، جنهن جي مون کي سزا ملي رهي آهي. هاڻي اي دنيا جا سڀيئي رهاڪؤ! منهنجي ٻڌو ۽ منهنجي مصيبتن تي غور ڪريو. منهنجيون ڪنواريون ڇوڪريون توڙي جوان مرد قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويا آهن.


يروشلم جي وسندي اگھاڙي ٿي پيئي آهي، ۽ اڳ جيڪي ماڻهو کيس عزت ڏيندا هئا سي هاڻي کيس ڌڪارين ٿا. سو اها هاڻ آهون ڀريندي رهي ٿي، ۽ پنهنجو منهن ڍڪي ٿي. اها انهيءَ ڪري خوار خراب ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن سخت گناهہ ڪيو آهي.


منهنجا ماڻهو جوان توڙي پوڙها گھٽين ۾ مئا پيا آهن. هائو، تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري منهنجا جوان مرد توڙي عورتون تلوار سان قتل ڪيا ويا آهن. تو انهن جو ڪوس ڪرايو آهي، ۽ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪيو اٿيئي.


آءٌ تو تي اهڙي فتويٰ جاري ڪندس، جهڙي ڪنهن زناڪار ۽ خون وهائيندڙ عورت تي جاري ڪئي ويندي آهي. آءٌ پنهنجي غصي ۽ غيرت سببان تو کي موت جي سزا ڏيندس.


يروشلم جي ماڻهن شهر ۾ بي‌گناهن جو رت وهايو آهي، بلڪ کُليل ٽَڪرَ تي انهن رت وهايو جيڪا اڃا ظاهر پئي آهي. هنن رت کي ڍڪڻ لاءِ ڪابہ ڪوشش نہ ڪئي آهي.


سو مون بہ انهيءَ رت کي کُليل ٽَڪرَ تي رهڻ ڏنو، انهيءَ لاءِ تہ اهو ڍڪجي نہ وڃي، جيستائين مٿن منهنجو غضب نازل ڪيو وڃي ۽ کانئن بدلو ورتو وڃي.


مون اوهان ۾ وبا موڪلي، جهڙيءَ طرح مصر ۾ موڪلي هئم. اوهان جي جوانن کي جنگ ۾ تلوار سان قتل ڪرايم، اوهان جا گھوڙا اوهان کان کسيم، ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ ۾ لاشن جي بدبوءِ اوهان جي ناسن تائين آندم. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


پر انهن قومن جا ملڪ جتان اهي موٽي ايندا، سي بڇڙن عملن جي ڪري ويران ٿي ويندا.


سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو راز آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو راز هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين خدا ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.


انهيءَ مان ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ اهو تہ بني اسرائيل جنهن سچائيءَ جي ڳولا ڪندا ٿي رهيا، سا پوريءَ قوم کي نہ، بلڪ منجھائن ڪن ٿورن چونڊيلن کي ملي ۽ باقي ٻين جي دلين کي سخت ڪيو ويو،


اهي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن دنيا جو معبود ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آهي، تنهن جي عظمت جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.


پر جنهن ماڻهوءَ ۾ اهي خوبيون نہ آهن، سو گھٽ نظر وارو بلڪ انڌو آهي. هو پنهنجي اڳوڻن گناهن کان ڌوپجي صاف ٿيڻ واري ڳالهہ کي وساري ويٺو آهي.


پر جيڪو پنهنجي هم‌ايمان سان نفرت ٿو ڪري، سو اونداهيءَ ۾ آهي ۽ اونداهيءَ ۾ هلي ٿو. کيس خبر نہ آهي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اونداهيءَ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي.


ڏسو، اوهين چئو ٿا تہ ’اسين دولتمند آهيون ۽ گھڻو مال ملڪيت گڏ ڪيو آهي ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ آهي.‘ پر اوهان کي اها خبر ڪانهي تہ حقيقت ۾ اوهين بد‌بخت، ڏکيارا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ