اوهان جي پڄاڻيءَ جو وقت ويجھو آهي. هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي، جڏهن جبلن تي بتپرستيءَ جون خوشيون نہ ملهايون وينديون، بلڪ اتي رڳو جنگ جا نعرا ٻڌا ويندا.
اي پهريدارؤ! اوهين خدا جي پاڪ جبل صيئون ۾ جنگ جي نفيل وڄائي خوف جي خبر ٻڌايو. هائو، يهوداہ ملڪ جي سڀني رهاڪن کي ڊيڄاري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي عدالت وارو ڏينهن بلڪل ويجھو اچي پهتو آهي.
هو بيهي ٿو تہ زمين ڪنبي ٿي وڃي، هو نهاري ٿو تہ قومون ڏڪي ٿيون وڃن. ۽ اهي قديمي جبل ۽ ٽڪريون جن تي هو گھمندو هو، سي سندس گھمڻ سان ڀورا ڀورا ٿي وينديون هيون.