Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




صفنياہ 1:14 - Muslim Sindhi Bible

14 خداوند جو عدالت وارو ڏينهن ويجھو اچي ويو آهي، ويجھو هائو، تمام ويجھو، بلڪ اهو اچي پهتو آهي. ڪن ڏيئي ٻڌو! خداوند جي ڏينهن وارو شور. هائو، هڪ بهادر ماڻهو بہ زاروزار روئندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 خداوند جو وڏو ڏينهن ويجهو آهي، اُهو ويجهو آهي، ۽ تمام جلد ايندو، بلڪ خداوند جي ڏينهن جو آواز ٿو اچي؛ زور وارو ماڻهو اُتي زار زار روئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




صفنياہ 1:14
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حشبون ۽ العالي شهرن جا ماڻهو روئن رڙن ٿا، سندن رڙين جو آواز تمام پري يهض تائين پيو ٻڌڻ ۾ اچي. انهيءَ ڪري موآب جا سپاهي بہ خوف وچان دانهون ٿا ڪن. هائو، موآب جا جنگي جوڌا همت هاري ويٺا آهن.


ڏسو، اسان جا بهادر سپاهي گھٽين ۾ ڊوڙندي مدد لاءِ رڙندا ٿا وتن. اسان جا ايلچي جيڪي امن وَ سلامتيءَ جي اميد کڻي ويا هئا، سي زاروزار روئندا موٽيا آهن.


ٻڌو، شهر مان وڏي شور وَ غل، ۽ هيڪل مان وڏي هل هنگامي جو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي. اهو مون خداوند جو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيڻ جو آواز آهي.


توڙي هيٺ زمين ڏانهن نهاريندا، پر کين هر طرف مصيبت، اونداهي ۽ ڏک جي پِيڙا ئي نظر ايندي. آخرڪار مصيبتن جي گھُگھُہ اونداهي مٿن اچي غالب پوندي.


هاڻ چراگاهن جي تباهہ ٿيڻ تي ڌنارن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن، هائو، ملڪ جي تباهہ ٿيڻ تي قوم جي اڳواڻن جو روئڻ رڙڻ ٿو ٻڌجي. انهيءَ سبب جو سندن ملڪ جيڪو سلامتيءَ واري چراگاهہ مثل هو، سو خداوند جي خوفناڪ غضب سبب ويران ٿي ويو آهي.


آہ! اهو ڏينهن ڪيڏو نہ هيبتناڪ هوندو! ان جهڙو ڏينهن نہ ڪڏهن ٿيو آهي ۽ نہ ٿيندو. اهو ڏينهن منهنجي قوم لاءِ مصيبت جو ڏينهن هوندو، پر هو انهيءَ منجھان بچي نڪرندا.“


پر آءٌ هي ڇا ٿو ڏسان؟ مصر جي لشڪر وارا تہ خوف ۾ وٺجي ويا آهن، هو پٺ تي هٽي ويا آهن. هنن جا جوڌا جوان شڪست کائي ويا آهن. هو پٺ تي نهارڻ بنا ڀڳا ٿا وڃن. هر طرف ڏهڪاءُ ئي ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.


ان جا سڀ شهر قبضي هيٺ اچي ويندا، ۽ مضبوط قلعا دشمن هٿ ڪري وٺندا. انهيءَ ڏينهن موآب جي بهادر مردن جي دلين ۾ اهڙي تہ دهشت هوندي، جهڙي ويم جي سورن واري عورت جي دل ۾ هوندي آهي.


تنهنڪري هاڻي تون انهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ مون خداوند خدا جو فرمان آهي تہ آءٌ اها چوڻي ختم ڪرائي ڇڏيندس. اها اڳتي وري بني اسرائيل ۾ پهاڪي طور ڪم نہ ايندي. انهيءَ جي بدران تون کين چئُہ تہ ’اهي ڏينهن اچي پهتا آهن جو هر اڳڪٿي سچي ثابت ٿيندي.‘


هائو، مون خداوند جو اهو ڏينهن ويجھو اچي پهتو آهي، جڏهن آءٌ اوهان کي سزا ڏيندس. اهو هڪڙو اونداهو ۽ سڀني قومن لاءِ مصيبتن جو وقت هوندو.


وقت اچي پهتو آهي، اهو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي. سو نہ خريد ڪندڙ خوشي ڪري، نہ وڪڻندڙ غمگين ٿئي، ڇاڪاڻ تہ مون خدا جو غضب سڀني تي هڪجهڙو اچي ڪڙڪندو.


تڏهن جيڪي انهن مان ڀڄي نڪرندا، سي بچي تہ ويندا، پر ماٿريءَ جي انهن ڪبوترن وانگر هوندا، جيڪي ڊپ وچان جبلن تي نڪري ويا هجن، ۽ اتي اهي ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري پيا روئندا رڙندا.


اهو ڏينهن اچي پهتو آهي، ۽ قادرِمطلق ڪيڏي نہ وڏي مصيبت نازل ڪري رهيو آهي. آہ! اهو خداوند جو ڏينهن ڪيڏو نہ خوفناڪ آهي!


اي پهريدارؤ! اوهين خدا جي پاڪ جبل صيئون ۾ جنگ جي نفيل وڄائي خوف جي خبر ٻڌايو. هائو، يهوداہ ملڪ جي سڀني رهاڪن کي ڊيڄاري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي عدالت وارو ڏينهن بلڪل ويجھو اچي پهتو آهي.


خداوند پاڻ پنهنجي انهن بي‌شمار ڪٽڪن جي اڳواڻي ڪندو، هائو، انهن لشڪرن جي جيڪي سندس حڪمن جي فرمانبرداري ڪن ٿا. بيشڪ خداوند جي عدالت جو ڏينهن ايڏو تہ هيبتناڪ آهي، جو ڪوبہ انهيءَ ڏينهن بيهي نہ سگھندو.


سج ڦري اونداهو ٿي پوندو، ۽ چنڊ ڦري رت جيان ڳاڙهو ٿي پوندو. اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند جي ظاهر ٿيڻ واري عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ تي ٿيندو.


جڏهن عدالت واري انهيءَ ماٿريءَ ۾ هزارين بلڪ لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيندا. بيشڪ تڏهن خداوند انهن جي عدالت ڪندو.


خداوند صيئون جبل تان شينهن وانگر گجندو. هائو، سندس آواز سڄي يروشلم ۾ گونجندو، ايتري قدر جو زمين وَ آسمان ڏڪي ويندا. پر تنهن هوندي بہ خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ۽ پناهہ جي جاءِ هوندو.


خداوند پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان.“ تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم جو پڪل ميوي جيان پٽڻ جو وقت اچي پهتو آهي. هاڻي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن يروشلم جي مڇيءَ واري دروازي وٽان هڪ وڏي رڙ اٿندي، تہ نئين آباديءَ واري علائقي مان ماتم جو آواز، ۽ ٽڪرين مان هڪ وڏي تباهيءَ وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


خداوند خدا جي آڏو ماٺ ڪري بيهہ، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو سزا ڏيڻ وارو ڏينهن ويجھو آيو آهي. هن يهوداہ وارن کي هڪڙي قربانيءَ طور تيار ڪيو آهي. هو کين سندن دشمن جي اڳيان پيش ڪندو، جيڪي کين کائي چٽ ڪري ڇڏيندا.


پر منهنجي عظيم ۽ ڊيڄاريندڙ ڏينهن اچڻ کان اڳ ۾ آءٌ اوهان وٽ الياس نبي موڪليندس.


تڏهن سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پوندو. هائو، اهو سڀ مون خداوند جي عظيم ۽ جلويدار ڏينهن جي اچڻ کان پهريائين ٿيندو.


اوهين سڀني ماڻهن سان نرم دليءَ سان پيش اچو. اها ڳالهہ نہ وساريو تہ خداوند عيسيٰ اسان جي ويجھو آهي.


اهو ملائڪن جي سردار جي آواز سان ۽ خدا طرفان توتاري وڄڻ سان ٿيندو. ان وقت خداوند عيسيٰ وڏي واڪي حڪم ڏيندي پاڻ آسمان مان هيٺ لهندو. تڏهن جيڪي مسيح تي ايمان رکندي مري ويا آهن سي پهريائين جيئرا ٿي اٿندا.


انهيءَ هستيءَ جڏهن سينا جبل تان ڳالهايو هو تہ زمين لڏي ويئي هئي. پر هاڻي هن فرمايو آهي تہ ”هڪڙو دفعو وري بہ آءٌ نہ رڳو زمين کي، بلڪ آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان اوهان کي گنهگار قرار ڏنو وڃي. ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي خدا سندن خلاف فتويٰ جاري ڪئي هئي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ