Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 9:7 - Muslim Sindhi Bible

7 آءٌ اوهان کي اهڙي سيکت ڏيندس، جو اڳتي اوهين ڪو حرام کاڌو نہ کائيندا، هائو، نہ رت لڳل گوشت ۽ نہ وري ڪو منع ڪيل کاڌو. منهنجي ڏنل سيکت کان پوءِ جيڪي بچي ويندا، سي مون خداوند جا هوندا، ۽ انهن کي بہ يهوداہ وارن جهڙا حق حاصل هوندا. هائو، عقرون شهر وارا بہ يبوسين وانگر منهنجي قوم جا سمجھيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 آءٌ سندن وات مان رت پيئڻ ڪڍي ڇڏيندس، ۽ سندن ڏندن مان بُتن جي قربانيءَ جو کاڌو. ۽ هو بہ اسان جي خدا جي اڳيان باقي بچيل ٿيندو، ۽ هو يهوداہ ۾ سردار وانگر ٿيندو، ۽ عقرون يبوسين وانگي ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 9:7
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا هڪڙي ملائڪ کي موڪليو تہ يروشلم کي تباهہ ڪري. هو اڃا تباهہ ڪري ئي رهيو هو تہ خداوند کي ترس اچي ويو سو انهيءَ ملائڪ کي چيائين تہ ”بس، هاڻي پنهنجو هٿ جھل.“ تنهن وقت خداوند جو ملائڪ اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ جي پاسي ۾ بيٺو هو.


اُٿ اي خداوند، منهنجا خدا! مون کي بچاءِ، منهنجي دشمنن جي منهن تي مڪ وهائي ڪڍ. هائو، انهن بڇڙن ماڻهن جا ڏند ڀڃي ڇڏ.


اي خدا! تون انهن وحشي بگھڙن جي وات منجھہ ئي انهن جا ڏند ڀڃي ڇڏ. هائو، اي خداوند! تون انهن جون ڏاٺون ڀڃي ڀورا ڀورا ڪر.


رات جو اهي غارن ۽ مقبرن ۾ وڃي مئلن جي روحن سان صلاح مشورا ٿا ڪن. اهي سوئر جو گوشت ٿا کائين، ۽ پنهنجن ٿانون ۾ اهڙو شوربو ٿا پيئن، جيڪو بتن تي قربان ڪيل ڪراهت جهڙين شين مان ٺهيل آهي.


انهي هوندي بہ ايندڙ وقت ۾ خداوند موآب جي خوشحالي وري بحال ڪندو. سو موآب جي سزا بابت خداوند جو فرمان هتي پورو ٿيو.


تنهن هوندي بہ آءٌ ايندڙ ڏينهن ۾ عيلام وارن جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پر بعد ۾ آءٌ اوهان بني عمون وارن جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند وڌيڪ ٿو فرمائي تہ ”جيئن ڪو ڌنار شينهن جي وات مان کاڌل رڍ جا رڳو ٻہ پاوا يا هڪ ڪن جو ٽڪرو ٿو ڇڏائي وٺي، تيئن سامريہ ۾ رهندڙ بني اسرائيل مان ايترا تہ وڃي بچندا، جيئن پلنگ جي رڳو ٻانهين يا کٽ جو ڪو پائو وڃي بچي.


انهن ڏينهن ۾ مختلف قومن توڙي ٻولين وارا ڏهہ ماڻهو اچي هڪڙي يهوداہ واري جو دامن پڪڙي کيس چوندا تہ ’اسين تو ساڻ آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻڌو آهي تہ خدا تو سان گڏ آهي.‘“


۽ اشدود شهر تي حرامي اولاد قبضو ڪري وٺندو. ياد رکو، آءٌ اوهان فلستين جو غرور ٽوڙي ڇڏيندس.


آءٌ پنهنجي ملڪ تي نظرداري ڪري رهيو آهيان، سو اڳتي ڪوبہ ڦورو ٽولو ان کي نقصان پهچائي نہ سگھندو، نڪي وري ڪو ظالم منهنجي قوم کي لتاڙي سگھندو.“


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي عيسيٰ مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا عورت جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ