Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 9:13 - Muslim Sindhi Bible

13 انهيءَ لاءِ آءٌ اوهان يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي پنهنجي تيرڪمان جيان جنگ ۾ استعمال ڪندس. هائو، اي صيئون وارؤ! آءٌ اوهان جي جنگي جوڌن کي اٿاري کڙو ڪندس، ۽ يونان جي لشڪر خلاف پنهنجي تلوار جيان استعمال ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو مون يهوداہ کي ڪمان وانگر موڙيو آهي، ۽ افرائيم کي تير وانگي ڪشيو اٿم؛ ۽ اي صيون، آءٌ تنهنجن فرزندن کي يونان جي فرزندن جي برخلاف اُٿاري کڙو ڪندس، ۽ توکي هڪڙي پهلوان جي ترار وانگر زبردست ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 9:13
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شال منهنجي محافظ خداوند جي واکاڻ هجي! جيڪو مون کي جنگ جي تربيت ڏئي ٿو.


ڀل تہ سندن زبان تي خدا جي واکاڻ هجي، جڏهن تہ سندن هٿن ۾ ٻِہ‌منهين تلوار هجي،


اي زور وارا! تون پنهنجي تلوار پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌ، جيڪا تنهنجي حشمت ۽ تنهنجو شان آهي.


هن منهنجي زبان کي تکي تلوار وانگر ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي مياڻ ۾ حفاظت سان رکيو اٿس. هن مون کي چمڪندڙ تير وانگر ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي ترڪش ۾ رکي ڇڏيو اٿس.


خداوند چوي ٿو تہ ”اي بابل! تون منهنجو هٿوڙو هئين، تنهنجي ذريعي مون قومن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. هائو، تون جنگ جي لاءِ منهنجو هٿيار هئين، تنهنجي ذريعي مون بادشاهتون ناس ڪري ڇڏيون.


آہ! صيئون جا رهاڪو، جيڪي تمام نج سون کان بہ وڌ هئا، سي ڪيئن نہ هاڻ ڪنڀر جي هٿان ٺهيل ٺڪر جي ٿانون جهڙا ٿي پيا آهن.


مون اوهان مان ڪي نبي ۽ ڪي ناذيري بڻايم. پوءِ اي اسرائيل وارؤ! مون کي ٻڌايو تہ ڇا اهو سچ ناهي؟


يروشلم وارا ماڻهو مختلف علائقا فتح ڪري صيئون جبل تان ادوم تي بہ حڪمراني ڪندا. تڏهن سڀني قومن تي مون خداوند جي ئي بادشاهت قائم ٿي ويندي.“


تڏهن مون ملائڪ کان پڇيو تہ ”هي ڪهڙو ڪم ڪرڻ آيا آهن؟“ هن وراڻيو تہ ”جن سڱن مثل بادشاهتن يهوداہ وارن کي ايترو تہ چيڀاٽي ڇڏيو هو جو ڪوبہ پنهنجي پيرن تي بيهي نہ سگھيو، تن بادشاهتن کي ڊيڄارڻ ۽ سندن طاقت کي ڪچلڻ لاءِ اهي ڪاريگر آيا آهن، ڇاڪاڻ تہ وڏي زورآوري ڏيکاري هنن يهوداہ وارن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو هو.“


پنهنجي مٿي تي ڇوٽڪاري جو لوهي ٽوپ پايو ۽ پاڪ روح جي تلوار، يعني خدا جو قول پاڻ سان کڻو.


آءٌ چڱي ويڙهہ وڙهي چڪو آهيان. آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪري چڪو آهيان. مون ايمان کي محفوظ رکيو آهي.


انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ خدا جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيئرو ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي روح کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.


هن جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا ۽ وات مان هڪڙي ٻِہ‌منهين تکي تلوار ٿي نڪتس. سندس شڪل ٻپهريءَ جي چمڪندڙ سج جهڙي هئي.


اهي گھيٽڙي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽڙو مٿن غالب پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي. هن جا وفادار جن کي هن سڏي چونڊيو آهي، سي ساڻس گڏ هوندا.“


هن جي وات مان هڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن هو قومن کي ماري. هائو، هو پاڻ لوهہ جي لٺ سان مٿن حڪمراني ڪندو ۽ قادرِمطلق خدا جي خوفناڪ غضب واري حوض ۾ انگورن وانگر کين لتاڙيندو.


باقي ٻيا ماڻهو انهيءَ اڇي گھوڙي جي سوار جي تلوار، جيڪا سندس وات مان ٿي نڪتي تنهن سان ماريا ويا، جن جو ماس کائي سڀني پکين ڍءُ ڪيو.


هن مون کي پرگمن واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ ٻِہ‌منهين تکي تلوار آهي سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ