ذڪرياہ 9:10 - Muslim Sindhi Bible10 آءٌ اسرائيل ۽ يهوداہ مان جنگ ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، اتان آءٌ جنگي گھوڙا ۽ گھوڙي گاڏيون هٽائي ڇڏيندس، ۽ جنگي هٿيار ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندس. اوهان جو اهو بادشاهہ قومن منجھہ امن وَ سلامتي آڻيندو. اولهہ کان اوڀر تائين توڙي اتر کان ڏکڻ تائين، هن جي ئي حڪومت پيئي هلندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 ۽ آءٌ افرائيم مان رٿ، ۽ يروشلم مان گهوڙو وڍي ڇڏيندس، ۽ جنگي ڪمان ڀڃي ڇڏيندس؛ ۽ هو قومن سان صلح سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪندو: ۽ هن جي بادشاهي سمنڊ کان سمنڊ تائين ۽ فرات نديءَ کان زمين جي حد تائين ٿيندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.