ذڪرياہ 8:8 - Muslim Sindhi Bible8 آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس تہ جيئن هو وري يروشلم ۾ رهن. اهي منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ وفا ۽ سچائيءَ سان سندن خدا هوندس.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 ۽ آءٌ انهن کي موٽائي آڻيندس، ۽ هو وري يروشلم ۾ رهندا؛ ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ سچائيءَ ۽ صداقت سان سندن خدا ٿيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
آءٌ يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي مضبوط ڪندس، هائو، آءٌ انهن کي فتحياب ڪندس. آءٌ انهن کي موٽائي سندن وطن ۾ وري آباد ڪندس، ڇاڪاڻ تہ مون کي انهن تي رحم اچي ويو آهي. آءٌ انهن جا حالات اهڙا تہ بدلائي ڇڏيندس، جو ڄڻ تہ مون ڪڏهن کين رد ئي نہ ڪيو هو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان ۽ آءٌ انهن جي ٻڌندس.