Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 8:23 - Muslim Sindhi Bible

23 انهن ڏينهن ۾ مختلف قومن توڙي ٻولين وارا ڏهہ ماڻهو اچي هڪڙي يهوداہ واري جو دامن پڪڙي کيس چوندا تہ ’اسين تو ساڻ آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻڌو آهي تہ خدا تو سان گڏ آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 8:23
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي ويهہ سال آءٌ توهان جي گھر ۾ رهيس. مون چوڏهن سال توهانجين ڌيئرن جي لاءِ ۽ ڇهہ سال توهانجين رڍن ٻڪرين جي لاءِ پورهيو ڪيو ۽ توهان منهنجو معاوضو ڏهہ ڀيرا بدلايو سدلايو.


پر اوهان جي پيءُ مون سان دوکو ڪيو ۽ ڏهہ ڀيرا منهنجو معاوضو بدلايائين. پر خدا کيس منهنجو نقصان ڪرڻ نہ ڏنو آهي.


پوءِ الياس کيس چيو تہ ”تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند اردن درياءَ ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ پوءِ هو ٻيئي اڳتي هليا.


عماسي جيڪو بعد ۾ ”ٽيهن جو ٽولو“ جو سالار ٿيو، تنهن تي خدا جو روح نازل ٿيو ۽ هو چوڻ لڳو تہ ”اي دائود! اسين تنهنجا آهيون، اي يسيءَ جا پٽ! اسين تنهنجي پاسي آهيون. تو تي ۽ تنهنجي مددگارن تي سلامتي هجي، ڇاڪاڻ تہ خدا تنهنجو مددگار آهي.“ تڏهن دائود انهن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجي فوج ۾ کين سالار بڻايائين.


جڏهن اسرائيل ملڪ جي افرائيم، منسيءَ ۽ شمعون جي علائقن جي ماڻهن ڏٺو تہ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ آسا جو خدا هن سان گڏ آهي، تڏهن انهن مان تمام گھڻا ماڻهو وٽس اچي آباد ٿيا. بادشاهہ آسا سڄي يهوداہ ۽ بنيامين جي سڀني رهاڪن سان گڏوگڏ انهن کي بہ پاڻ وٽ سڏايو.


هر ڪنهن شهر ۽ هر ڪنهن صوبي ۾ جتي جتي اهو شاهي فرمان پهتو، اتي اتي يهودين ۾ تمام گھڻي خوشي ۽ سرهائي ٿي. هنن دعوتون ڪندي خوشيون پئي ملهايون. ٻين قوميتن وارا ڪيترائي ماڻهو يهودي بڻيا، ڇاڪاڻ تہ يهودين جو خوف انهن تي ڇانئجي ويو هو.


بار بار اوهان مون کي ملامت ڪندا رهيا آهيو، اوهان کي شرم نہ ٿو اچي جو مون کي ستايو ٿا؟


پر جيڪڏهن اوهين پنهنجي دولت جي حفاظت لاءِ ان کي ڪيترن ئي هنڌن تي لڪائي ڇڏيو، تہ بہ اوهين نٿا ڄاڻو تہ ملڪ تي ڪهڙي وقت اچي ڪا آفت ڪڙڪندي ۽ سڀ ڪجھہ برباد ڪري ڇڏيندي.


حالات اهڙا تہ خراب هوندا جو ماڻهو پنهنجي ڪنهن مائٽ کي چونڊي کيس چوندا تہ ”تو کي گھٽ ۾ گھٽ پائڻ لاءِ تہ ڪجھہ هوندو، سو اچ ۽ اسان جو حاڪم ٿيءُ، ۽ هن اجڙيل ملڪ تي حڪمراني ڪر.“


جڏهن اهو وقت ايندو، تڏهن هڪڙي مرد کي ست ست عورتون پڪڙي چونديون تہ ”اسين پنهنجي هڙان کائينديونسين ۽ پهرينديونسين، تون رڳو ايترو ڪر جو اسان کي پنهنجيون زالون سڏجڻ ڏي، ائين اسان تان مڙس واريون نہ هجڻ جي خواري لاهہ.“


خداوند بني اسرائيل کي فرمائي ٿو تہ ”مصر جي دولت ۽ سوڊان جي تجارت اوهان جي ٿيندي، ۽ سبا جا قداور ماڻهو اوهان جا غلام بڻبا. اهي زنجيرن ۾ ٻڌل اوهان جي پٺيان ٿي هلندا. اهي اوهان کي مڃيندي ۽ جھڪي تعظيم ڏيندي چوندا تہ ’يقيناً خدا اوهان سان ئي آهي، ۽ انهيءَ هڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘“


هر ڪو مون بابت چوندو تہ ’بيشڪ خداوند ئي فتح ۽ طاقت بخشيندڙ آهي.‘ پر جيڪي مون کان ڦريل هوندا، سي سڀ مون آڏو خوار خراب ٿيندا.


ڏسو، جيڪي غير قومون اوهان کي ڪا اهميت نہ ڏينديون هيون، تن کي هاڻي اوهين سڏيندا تہ اهي مون خداوند اوهان جي خدا، يعني بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي ڪري اوهان وٽ ڊوڙنديون اينديون، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي عظمت ۽ شان عطا ڪندس.“


اي يروشلم جي وسندي! جن تو کي ستايو آهي، تن جو اولاد عاجزيءَ وچان سر جھڪائي تو وٽ ايندو. جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي، سي سڀ تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. اهي تو کي ’بني اسرائيل جي پاڪ معبود جو شهر صيئون،‘ ۽ ’خداوند جو شهر‘ ڪري سڏيندا.


قومون تنهنجي روشنيءَ ڏانهن هليون اينديون، ۽ بادشاهہ تنهنجي تجليءَ جي چمڪ ڏانهن ڇڪجي ايندا.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهن جي ڪمن ۽ خيالن کي ڄاڻان ٿو. سو اهو وقت اچي پهتو آهي، جڏهن آءٌ انهن سڀني قومن ۽ مختلف ٻولين وارن کي آڻي گڏ ڪندس. اهي ايندا ۽ منهنجو جلال ڏسي


بيشڪ انهيءَ جي اچڻ سان خوشحالي ۽ سلامتي ملندي. جڏهن اشوري اسان بني اسرائيل جي ملڪ تي اچي حملو ڪندا ۽ اسان جي ڪوٽن وارن شهرن ۾ گھڙي ايندا، تڏهن اسين پنهنجي گھڻن ئي طاقتور سالارن جي اڳواڻيءَ ۾ سندن مقابلو ڪنداسين.


ڏسو، انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني کي سزا ڏيندس، جن اوهان کي آزاريو آهي. جيڪي منڊڪائيندڙ رڍ جيان لاچار آهن، تن کي آءٌ ڇڏائيندس، ۽ جيڪي رڍن وانگر ڪڻو ڪڻو ڪيا ويا آهن، تن کي آءٌ وري گڏ ڪندس. هر انهيءَ ملڪ ۾ جتي هو خوار خراب ڪيا ويا هئا، اتي آءٌ کين عزت وارو بڻائي سندن تعريف ڪرائيندس.


تہ هنن ماڻهن مان ڪوبہ پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو ملڪ نہ ڏسندو. هنن منهنجو جلال ۽ منهنجا معجزا، جيڪي مون مصر ۽ بيابان ۾ ڪيا سي ڏٺا آهن، تڏهن بہ مون کي هڪ دفعو نہ پر ڏهہ دفعا آزمايو اٿن، پوءِ بہ منهنجي ڳالهہ نہ مڃي اٿائون.


اها عورت عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتائين تہ انهيءَ گھڙيءَ هن جو رت وهڻ بند ٿي ويو.


ايتري قدر جو جيڪڏهن رومال يا ڪوبہ ڪپڙو پولس جي بدن کي ڇهي کڻي وڃي بيمارن کي لائيندا هئا تہ انهن کي بيماري ڇڏي ويندي هئي ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن مان ڀوت نڪري ويندا هئا.


سندس دل جون لڪل ڳالهيون ظاهر ٿي پونديون ۽ هو منهن ڀر ڪري خدا آڏو سجدو ڪندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ خدا اوهان منجھہ موجود آهي.“


سو جن ڳالهين جو موسيٰ حڪم ڏنو هو، تن مان هڪڙي بہ ڳالهہ اهڙي نہ رهي جيڪا يشوع بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم اڳيان نہ پڙهي هجي. اتي عورتون، ٻار ۽ قوم ۾ رهندڙ ڌاريا بہ موجود هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ