Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 8:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اي يهوداہ توڙي اسرائيل وارؤ! جهڙيءَ طرح اوهين ٻين قومن جي نظر ۾ لعنتي بڻيا آهيو، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ اوهان کي اهڙي خوشحالي عطا ڪندس جو اوهين برڪت جو باعث بڻبا. سو اوهين دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 اي يهوداہ ۽ اسرائيل جا گهراڻا، اوهين جي ٻين قومن ۾ لعنتي هئا، تن کي آءٌ بچائيندس، ۽ اوهين برڪت جو باعث ٿيندا: ڊڄو نہ، پر پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 8:13
50 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي ايترو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن. آءٌ هي سڄو ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي.


طعنا هڻندڙن ۽ توهين ڪندڙن جي ڳالهين، ۽ دشمنن جي وير وٺڻ ڪري منهنجو هي حال ٿيو آهي.


شال انهيءَ جو نالو سدائين سڳورو رهي، هائو، جيستائين آسمان ۾ سج قائم رهي. شال سندس وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملي، ۽ سڀيئي قومون هن لاءِ ڀلائي گھرن.


آس‌پاس جي غير قومن اڳيان اسين طعنن جو نشانو بڻيا آهيون، هائو، هو اسان جو حال ڏسي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.


تنهنڪري مون مخصوص ٿيل ڪاهنن کي ناپاڪ قرار ڏنو. مون بني يعقوب تي لعنت آندي، هائو، مون بني اسرائيل کي ملامت جوڳو بڻايو.“


آءٌ انهن کي اهڙو تہ برباد ڪري ڇڏيندس، جو انهن جو حال ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن ملڪن ڏانهن آءٌ انهن کي هڪالي ڪڍندس، اتي هو ملامت، پهاڪي، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا رهندا.


شروعات مون يروشلم شهر ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، انهيءَ جي بادشاهن ۽ عملدارن کان ڪئي، تان‌تہ اهي شهر ويران ٿي حيرت، ڪراهت ۽ لعنت جو سبب بڻجن، جيئن اهي اڄوڪي ڏينهن آهن.


تہ پوءِ آءٌ پنهنجي هن گھر کي سيلا شهر جهڙو ڪندس ۽ هن شهر کي دنيا جي سڀني قومن ۾ ڦٽ لعنت جو باعث بڻائيندس.‘“


آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا کي سندن پٺيان لڳائي ڇڏيندس ۽ کين ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن قومن ۾ آءٌ کين هڪالي ڇڏيندس تن سڀني ۾ هو لعنت، عبرت، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا.


”ڇا تو هن ڳالهہ ڏانهن ڌيان نہ ڏنو آهي جو ماڻهو چون ٿا تہ ’خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن کي چونڊي پنهنجي قوم بڻايو هئائين‘؟ هو ائين چوندي منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا ۽ کيس قوم ئي نہ ٿا سمجھن.


سو جيڪڏهن اوهين مصر ۾ وڃي رهندا، تہ پوءِ جهڙيءَ طرح منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم تي نازل ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجو غضب اوهان تي بہ نازل ٿيندو. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو ڪارڻ بڻجي پوندا. پوءِ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.‘


آءٌ اوهان يهوداہ جي باقي بچيلن کي هرگز نہ ڇڏيندس، جن مصر ۾ وڃي رهي پوڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. هائو، اوهين سڀ مصر ۾ ناس ٿي ويندا. اوهين ننڍا توڙي وڏا سڀ جنگ ۾ يا وري ڏڪار سان ماريا ويندا. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو سبب بڻبا.


هرگز نہ، بلڪ جڏهن خداوند اوهان جا بڇڙا عمل ۽ اوهان جا ڪيل ڪراهت جهڙا ڪم وڌيڪ برداشت نہ ڪري سگھيو، تڏهن اوهان جي ملڪ کي ويران ۽ عبرت وَ لعنت جو سبب بڻايائين، ايتري قدر جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.


يروشلم وارن رڙيون ڪري کين چيو ٿي تہ ”پري ٿيو، اي پليتؤ! پري ٿيو. اسان کي هٿ نہ لايو، اوهين ناپاڪ آهيو.“ پوءِ اهي اتان نڪري ڪري مختلف قومن ۾ رلندا رهن ٿا، ڇالاجو ڪوبہ ماڻهو کين پاڻ وٽ رهڻ نہ ٿو ڏئي.


آءٌ مندائتو مينهن موڪلي پنهنجي پاڪ جبل جي چوڌاري زمين بلڪ سڀني جاين کي پنهنجي برڪتن سان نوازيندس. هائو، زمين تي برڪتون ئي برڪتون ٿي وينديون.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جا ماڻهو انهن مئل هڏين مثل آهن. اهي شڪايت ڪندي چون ٿا تہ ’اسان جون هڏيون سڪي ويون آهن ۽ اسان جي ڪا اميد باقي نہ رهي آهي. اسين تہ بلڪل فنا ٿي ويا آهيون.‘


اهڙيءَ طرح جڏهن آءٌ قهر ۽ غضب وچان ۽ سخت ملامت سان باقي بچيل يروشلم وارن کي سزا ڏيندس، تڏهن انهن جي آس‌پاس واريون سڀيئي قومون ڊڄي وينديون. اهي انهن ڏانهن ڪراهت، طعني، عبرت ۽ هيبت وچان ڏسنديون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.


هائو، اسان سڄي بني اسرائيل وارن تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي ۽ تنهنجي فرمانبرداريءَ جو انڪار ڪندي ڦري ٻئي پاسي ٿيا آهيون. تنهنڪري تنهنجي اها قسم واري لعنت اسان تي اچي پيئي آهي، جيڪا تنهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


بني اسرائيل جا تباهيءَ کان باقي بچي ويل ماڻهو، جيتوڻيڪ گھڻين ئي قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ خداوند انهن کي طاقت ڏيئي ائين قائم رکندو، جيئن ماڪ ۽ مينهن ڌرتيءَ کي تازگي ڏيندا آهن. اهي خدا تي ئي توڪل رکندا، نہ ڪنهن انسان تي.


انهيءَ ڏينهن يروشلم کي چيو ويندو تہ ”اي صيئون تي اڏيل شهر! تون ڪوبہ خوف نہ ڪر. تون پنهنجي همت نہ هار.


ڏسو، انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي غير قومن منجھان موٽائي پنهنجي پنهنجي گھر آڻيندس ۽ اوهان کي گڏ ڪندس. آءٌ اوهان کي ٻيهر خوشحال ڪندس ۽ اوهين عزت ۽ تعريف جوڳا ٿي ويندا، بلڪ اوهين سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويندا. اهو سڀ ڪجھہ اوهان جي اکين اڳيان ٿيندو.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.


جيئن تہ اوهان اڃا هاڻي اناج جا ٻج ڀانڊن مان ڪڍي پوکيا آهن، ۽ جيتوڻيڪ انگورن جي ول ۽ انجير، ڏاڙهون ۽ زيتون جي وڻن اڃا ڦر ئي نہ جھليو آهي، تڏهن بہ دلجاءِ ڪريو تہ اڄ کان وٺي آءٌ اوهان کي برڪتون عطا ڪندو رهندس.“


جڏهن آءٌ اوهان جي وڏن کي مصر مان ڪڍي آيو هئس، تڏهن مون انهن سان عهد ٻڌو هو تہ آءٌ انهن سان هميشہ گڏ هوندس. هاڻي آءٌ اوهان سان بہ گڏ آهيان سو اوهين همت نہ هاريو.


تڏهن مون رويا سمجھائڻ واري ملائڪ کان پڇيو تہ ”هنن سڱن مان ڇا مراد آهي؟“ هن ورندي ڏيئي چيو تہ ”هي سڱ اُهي بادشاهتون آهن جن اسرائيل وارن ۽ يروشلم جي رهاڪن سميت سڄي يهوداہ وارن کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي.“


يروشلم تي وري ڪڏهن بہ تباهي نہ ايندي، بلڪ اهو هميشہ آباد ۽ سلامت رهندو.


تهڙيءَ طرح ئي مون قادر‌مطلق خداوند هاڻي پڪو ارادو ڪيو آهي تہ اوهان سڀني يهوداہ وارن سان ڀلائي ڪريان. سو اوهين همت نہ هاريو.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو. هن وقت اوهين اهو ساڳيو ئي فرمان ٻڌو ٿا، جيڪو نبين انهن ڏينهن ۾ ٻڌايو هو جڏهن نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ منهنجي هيڪل جو بنياد وڌو ٿي ويو.


انهيءَ لاءِ آءٌ اوهان يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي پنهنجي تيرڪمان جيان جنگ ۾ استعمال ڪندس. هائو، اي صيئون وارؤ! آءٌ اوهان جي جنگي جوڌن کي اٿاري کڙو ڪندس، ۽ يونان جي لشڪر خلاف پنهنجي تلوار جيان استعمال ڪندس.


سجاڳ رهو، ايمان تي قائم رهو، همت ڌاريو، مضبوط رهو


هي انهيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابراهيم سان واعدي ڪيل برڪت عيسيٰ مسيح ۾ غير قومن تائين بہ پهچي ۽ اسين سڀيئي ايمان آڻڻ جي وسيلي اهو پاڪ روح حاصل ڪريون جنهن جو واعدو ڪيو ويو آهي.


هو پنهنجي تعريف، نالي ۽ عزت لاءِ انهن سڀني قومن تي اوهان کي برتري بخشيندو، جيڪي هن پيدا ڪيون آهن. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم هوندا، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.“


جن جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ اوهين عبرت، پهاڪي ۽ چوڻيءَ جو سبب بڻبا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ