Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 5:11 - Muslim Sindhi Bible

11 هن وراڻيو تہ ”هو انهيءَ گُندڙي کي بابل ملڪ ڏانهن کڻي ٿيون وڃن، جتي هڪڙو پوڄا گھر ٺاهي انهيءَ ۾ هڪڙي دِڪيءَ تي اهو گُندڙو رکيو ويندو، انهيءَ لاءِ تہ ان جي پوڄا ڪئي وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ هن مون کي چيو تہ سنعار جي ملڪ ڏانهن، تہ اتي انهي لاءِ گهر جوڙين، ۽ جڏهن اهو تيار ٿئي، تہ هيءَ پنهنجي جاءِ ۾ رکي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 5:11
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي بادشاهت جي شروعات بابل، ارڪ ۽ اڪاد شهرن مان ٿي، اهي ٽيئي شهر شِنعار علائقي ۾ آهن.


تڏهن هو اوڀر طرف گھمندي گھمندي شِنعار علائقي جي هڪڙي ميدان ۾ آيا ۽ اتي ئي رهي پيا.


انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو چئن علائقن جي بادشاهن هر هڪ، شِنعار جي بادشاهہ امرافل، الاسار جي بادشاهہ اريوڪ، عيلام جي بادشاهہ ڪدرلاعمر ۽ گوئِم جي بادشاهہ تدعال،


انهيءَ ڏينهن پروردگار وري پنهنجو قدرت وارو هٿ وڌائيندو، تہ جيئن پنهنجي قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي جلاوطنيءَ مان موٽائي وطن آڻي، جيڪي اشور، مصر ۽ ان جي ڏاکڻي علائقي فتروس، سوڊان، عيلام، شِنعار ۽ حمات جي ملڪن کان علاوہ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ باقي بچيا هوندا.


هن اسان ڏانهن بابل ۾ هي پيغام موڪليو آهي تہ ’هن جلاوطنيءَ جي مدت ڊگھي آهي. تنهنڪري اتي ئي گھر ٺاهي رهي پئو، باغ پوکيو ۽ انهن جو ميوو کائو.‘“


پروردگار بادشاهہ يهويقيم کي نبوڪدنضر جي هٿان گرفتار ڪرايو ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجي هيڪل جا چونڊ ٿانوَ بہ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائين. نبوڪدنضر اهي ساڻ کڻي بابل ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي بت‌خاني ۾ آيو، جتي هن اهي ٿانوَ بت‌خاني جي خزاني ۾ رکي ڇڏيا.


بلڪل ساڳيءَ طرح اسرائيل وارا بہ گھڻي عرصي تائين بادشاهہ، حاڪم، قربانيءَ، کوڙيل بتن، فال وجھڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بتن ۽ مذهبي وڳي کان سواءِ رهندا.


تڏهن مون انهيءَ ملائڪ کان پڇيو تہ ”انهيءَ گُندڙي کي هو ڪيڏانهن کڻي ٿيون وڃن؟“


انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“


تہ پوءِ خداوند اوهان تي عجيب آفتون نازل ڪندو ۽ اوهان جي اولاد جي آفتن کي وڌائي وڏيون ۽ گھڻن ڏينهن تائين رهندڙ آفتون ۽ گنديون ۽ ڊگھيون بيماريون ڪري ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ