4 تڏهن مون انهيءَ ملائڪ کان پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! هن مان ڇا مراد آهي؟“
4 ۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي مون ورندي ڏيئي چيو، تہ اي منهنجا سائين هي ڇا آهن؟
تڏهن زربابل ولد سالتيايل ۽ يشوع ولد يوصدق يروشلم ۾ خداوند جي گھر کي وري تعمير ڪرڻ جي ڪم کي لڳي ويا. انهن ٻنهي سان خدا جا نبي بہ گڏ هئا جن ساڻن مدد پئي ڪئي.
مون ٻڌو تہ سهي، پر سمجھي نہ سگھيس. سو مون انهيءَ هستيءَ کان پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! هنن ڳالهين جو آخر ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟“
تڏهن مون رويا سمجھائڻ واري ملائڪ کان پڇيو تہ ”هنن سڱن مان ڇا مراد آهي؟“ هن ورندي ڏيئي چيو تہ ”هي سڱ اُهي بادشاهتون آهن جن اسرائيل وارن ۽ يروشلم جي رهاڪن سميت سڄي يهوداہ وارن کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي.“
تڏهن رويا سمجھائڻ وارو ملائڪ جيڪو مون سان گڏ بيٺو هو تنهن کان پڇيم تہ ”اي منهنجا سائين! هنن گھوڙن ۽ سندن سوارن جو ڇا مطلب آهي؟“ انهيءَ ملائڪ وراڻيو تہ ”آءٌ تو کي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهي.“
هن وراڻيو تہ ”ڇا تون نہ ٿو ڄاڻين تہ هن جو مطلب ڇا آهي؟“ مون ورندي ڏني تہ ”منهنجا سائين! نہ.“
مون پڇيو تہ ”اهو ڇا آهي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهو گُندڙو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي ماڻهن جي ڪيل بڇڙائي پيل آهي.“
مون رويا سمجھائڻ واري انهيءَ ملائڪ کان پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! هن مان ڇا مراد آهي؟“
پوءِ عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر هليو ويو. سندس شاگرد وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ ٻنيءَ ۾ ڪانڊيرا ڦٽڻ جي مثال جي معنيٰ ڇا آهي؟“