Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 2:1 - Muslim Sindhi Bible

1 مون وري هڪڙي ٻي رويا ڏٺي، جنهن ۾ مون هڪڙي شخص کي پنهنجي اڳيان لنگھندي ڏٺو. سندس هٿ ۾ ماپ واري ڏوري هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ مون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ جي ڏور هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 2:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، مون لوهار خلقيو آهي، جيڪو ٽانڊن کي ڦوڪي باهہ ٻاري ٿو، ۽ هٿيار گھڙي تيار ڪري ٿو. مون لشڪر بہ پيدا ڪيا آهن، جيڪي انهن هٿيارن کي استعمال ڪري تباهي ٿا آڻين.


شهر جي حد اڃا بہ جاريب جي ٽڪريءَ تائين اڳتي سڌي سنئين هلي ويندي ۽ ڦري جوعاتہ تائين ايندي.


موآب جو لشڪر قتل ڪيو ويندو ۽ انهيءَ جي طاقت ختم ڪئي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هو مون کي اڃا ويجھو وٺي ويو تہ ڇا ڏسان تہ اتي هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جو چهرو پتل جيان پئي چمڪيو. مون ڏٺو تہ انهيءَ جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سڻيءَ جي ڏوري ۽ ڪانو هو ۽ هو انهن عمارتن جي ٻاهرين لنگھہ وٽ بيٺو هو.


تڏهن مون پهرين شيءِ جيڪا ڏٺي سا هيڪل جي چوديواريءَ واري ٻاهرين ڀت هئي، جيڪا سڀني عمارتن جي چوڌاري ڏنل هئي. انهيءَ ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ماپڻ جو جيڪو ڪانو هو سو ٽي ميٽر ڊگھو هو، جنهن سان هن ڀت جي ماپ ورتي تہ اها ٽي ميٽر اوچي ۽ ٽي ميٽر ويڪري هئي.


پوءِ اهو ماڻهو اوڀر طرف هلندي ماپ واري ڪاني سان وهندڙ واهيءَ جي ماپ وٺندو هليو. هن پنج سؤ ميٽر ماپڻ کان پوءِ مون کي پاڻيءَ مان لنگھڻ لاءِ چيو. مون ڏٺو تہ اتي پاڻي رڳو منهنجي پيرن جي مُرن تائين ٿي پهتو.


پوءِ هن وري پنج سؤ ميٽر ٻيا ماپ ڪيا ۽ مون کي پاڻيءَ مان لنگھڻ لاءِ چيائين. اتي پاڻي منهنجي گوڏن تائين ٿي پهتو. ساڳيءَ طرح هن پنج سؤ ميٽر ٻيا ماپيا ۽ مون کي پاڻيءَ مان لنگھڻ لاءِ چيائين. اتي پاڻي منهنجي چيلهہ تائين ٿي پهتو.


انهيءَ کان پوءِ پنهنجي انهيءَ رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو، جيڪو خوفناڪ، بلڪ تمام هيبتناڪ هو. هو نهايت مضبوط هو ۽ کيس لوهہ جا وڏا وڏا ڏند هئا. هو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين. اهو اڳين جانورن کان انهيءَ ڳالهہ ۾ مختلف هو جو انهيءَ کي ڏهہ سڱ هئا.


تنهنڪري آءٌ خداوند موٽي يروشلم تي رحم ڪندس. تڏهن اتي منهنجي هيڪل وري تعمير ڪئي ويندي ۽ يروشلم وري موٽي پنهنجي اڳئين حالت ۾ ايندو. اهو مون قادر‌مطلق خداوند جو فرمان آهي.“


هڪڙي ٻي رويا ۾ مون پنهنجي اڳيان چار سڱ ڏٺا.


پوءِ مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪانو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ وڃي خدا جي هيڪل ۽ ان جي قربان‌گاهہ جي ماپ ڪر ۽ جيڪي اُن ۾ عبادت ڪن ٿا تن کي ڳڻ.


جنهن ملائڪ مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن وٽ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي، جنهن سان هو شهر کي، اُن جي دروازن کي ۽ ڪوٽ کي ماپي سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ