انهيءَ وقت قادرِمطلق خداوند جي ئي بادشاهي هوندي، هو صيئون جبل تي اڏيل يروشلم شهر مان حڪم هلائيندو، ۽ سندس قوم جا حاڪم سندس جلوو پيا پسندا. خداوند جو جلوو ايترو تہ تجليءَ وارو هوندو جو سج چنڊ بہ سندس آڏو لڄي ۽ شرمسار هوندا.
جڏهن آءٌ تو کي نابود ڪندس، تڏهن آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ڇڏيندس. هائو، آءٌ تارن جي روشنيءَ کي ڍڪي ڇڏيندس، سج بہ ڪڪرن سان ڍڪجي ويندو، ۽ ڏسندي ڏسندي چنڊ جي روشنائي بہ نظر نہ ايندي.