Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 14:21 - Muslim Sindhi Bible

21 يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جو هر هڪ ٿانءُ قادر‌مطلق خداوند جي لاءِ مخصوص ٿيندو ۽ جيڪي ماڻهو قربانيون ڪرڻ لاءِ ايندا سي سڀ اُهي ٿانوَ کڻي انهن ۾ قربانيءَ وارو گوشت رڌيندا پچائيندا. سو انهيءَ ڏينهن قادر‌مطلق خداوند جي گھر ۾ ڪوبہ انهن مخصوص ٿانون جو واپار نہ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 هائو، يهوداہ ۽ يروشلم جي هرڪا ديڳ لشڪرن جي خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندي: ۽ سڀ قربانيون چاڙهيندڙ ايندا، ۽ اُهي کڻي انهن ۾ رڌيندا: ۽ انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪنعاني لشڪرن جي خداوند جي گهر ۾ نہ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 14:21
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ وڃي سڻڀا طعام کائو ۽ شربت پيئو. انهن ڏانهن بہ ڪجھہ ڏياري موڪليو جن وٽ ڪجھہ بہ تيار ڪرڻ لاءِ نہ هجي. اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند جي لاءِ مخصوص آهي. سو غمگين نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي خوشي اوهان جي قوت آهي.“


اتي هڪڙو شاهي رستو هوندو، جنهن کي ”پاڪيزگيءَ وارو رستو“ سڏيو ويندو. ڪوبہ پليت ماڻهو انهيءَ رستي تان گذري نہ سگھندو. رڳو خدا جا ٻانها انهيءَ رستي سان هلندا، ۽ بي‌وقوف بدڪار انهيءَ تي گھمي ڦري نہ سگھندا.


صيئون جبل جي شهر يروشلم ۾ خداوند جن ماڻهن کي مرڻ کان بچايو هوندو تن سڀني کي پاڪ سڏيو ويندو.


جاڳ، اي صيئون! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ ۽ زور وٺ. هائو، اي يروشلم! اي پاڪ شهر! هاڻ شان وَ شوڪت کي پنهنجي پوشاڪ بڻاءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ کان پوءِ ڪوبہ غير قوم جو لشڪر، هائو، ڪوبہ ناپاڪ سپاهي ڪاهہ ڪري تو ۾ اندر نہ گھڙندو.


سو مون خداوند خدا جو حڪم آهي تہ هاڻي اڳتي ڪوبہ مون کي نہ مڃيندڙ اڻ‌طهريل ماڻهو منهنجي هيڪل ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. هائو، بني اسرائيل منجھہ رهندڙ اهڙو ڪوبہ ڌاريو ماڻهو هيڪل ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.‘“


خداوند فرمايو تہ ”جڏهن بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن ۾ سندن ملڪ جي زمين ورهائي وڃي، تڏهن زمين جو هڪڙو حصو پاڪ نذراني طور مون خداوند جي لاءِ وقف ڪيو وڃي، جنهن جي ڊيگھہ اولهہ کان اوڀر طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ۽ ويڪر ڏکڻ کان اتر طرف ڏهہ ڪلوميٽر هجي. اها سڄي ايراضي مون لاءِ مخصوص هوندي.


اسرائيل وارا هڪ اهڙي واپاريءَ جيان آهن، جنهن جي هٿ ۾ ٺڳيءَ واري تارازي هجي، هائو، اهي سدائين ڪنهن جو حق کسڻ کي پسند ٿا ڪن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو پنهنجي پاڪ جبل صيئون منجھہ رهان ٿو. بيشڪ يروشلم وري پاڪ شهر بڻجي ويندو، ۽ ڪوبہ ڌاريو لشڪر انهيءَ کي ٻيهر فتح ڪري نہ سگھندو.


اي يروشلم جي هيٺاهين جا رهڻ وارؤ! واءِ‌ويلا مچايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا سڀ سوداگر ۽ واپاري وڍجي ويندا.


انهيءَ ڏينهن گھوڙن جي گھُنگھرن تي لکيل هوندو تہ ”خداوند جي لاءِ مخصوص.“ خداوند جي گھر جا سمورا ٿانوَ قربان‌گاهہ جي پيالن وانگر رڳو خداوند لاءِ مخصوص هوندا.


وري جڏهن اوهان کاڌو پيتو پئي تہ ڇا اهو سڀ پنهنجن مزن ماڻڻ لاءِ نہ پئي ڪيوَ؟


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي واکاڻ خاطر ڪريو.


اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئرون، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهرن ۾ رهندا هجن، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ مليو آهي، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.


اُتي ئي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو ۽ پنهنجي هٿن جي سڄي ڪمائي، جنهن ۾ خداوند اوهان جي خدا برڪت وڌي هجي، تنهن لاءِ پنهنجن گھراڻن سميت اوهين خوشيون ڪجو.


جو جيڪڏهن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ هنن هدايتن مان تون ڄاڻي وٺجانءِ تہ خدا جو گھراڻو جيڪو جيئري خدا جي ڪليسيا ۽ سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ماڻهن کي ڪهڙيءَ طرح هلت چلت ڪرڻ کپي.


پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھراڻي جو مختيار هوندي وفادار رهيو. هاڻي خدا جو گھراڻو اسين آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجيءَ همت ۽ انهيءَ اميد تي قائم رهون، جنهن تي اسان کي اعتماد آهي.


هاڻي اهو وقت اچي پهتو آهي تہ عدالت خدا جي گھراڻي کان شروع ٿئي. سو جيڪڏهن اها عدالت اسان جي بہ ٿئي ٿي تہ پوءِ انهن جو ڪهڙو انجام ٿيندو جيڪي مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟


انهيءَ شهر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.


پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بت‌پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ