Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 14:20 - Muslim Sindhi Bible

20 انهيءَ ڏينهن گھوڙن جي گھُنگھرن تي لکيل هوندو تہ ”خداوند جي لاءِ مخصوص.“ خداوند جي گھر جا سمورا ٿانوَ قربان‌گاهہ جي پيالن وانگر رڳو خداوند لاءِ مخصوص هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 انهيءَ ڏينهن گهوڙن جي گهنگهرن تي لکيل هوندو تہ خداوند جي لاءِ پاڪ آهن؛ ۽ خداوند جي گهر جا باسڻ، قربانگاهہ جي پيالن وانگر ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 14:20
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پيالا، ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، رت کڻڻ لاءِ رڪابيون ۽ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا، مقدس ترين جاءِ جي دروازن لاءِ ۽ هيڪل جي دروازن لاءِ پڻ انجيسون.


هن ڏهہ ميزون ٺهرايون ۽ اهي بہ آڻي هيڪل ۾ رکرايائين، پنج ساڄي پاسي ۽ پنج کاٻي پاسي. هن هڪ سؤ سونا ٿالهہ پڻ ٺهرايا.


تنهنجي جنگ ڪرڻ واري ڏينهن تي تنهنجا ماڻهو پاڻ کي پيش ڪندا. هائو، تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان تو وٽ پيش ٿيندا. جيئن صبح جو سوير تازگي ڏيندڙ ماڪ پوي ٿي، تيئن ئي اهي نوجوان تازگيءَ واري حالت ۾ تو وٽ ايندا.


تون ميز تي رکڻ لاءِ ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ ٺهرائج. اهي سڀ نج سون جا ٺهرائج.


هن ميز تي رکڻ لاءِ نج سون جا ٿانوَ ٺاهيا، يعني ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ.


هنن نج سون مان هڪڙي تختي ٺاهي ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪريائون ”خداوند جي لاءِ مخصوص.“


پر انهيءَ جي تجارت ۽ اُجوري واري رقم خداوند جي لاءِ مخصوص هوندي. اها ڪنهن بہ خزاني ۾ ميڙي گڏ ڪري نہ رکي ويندي، بلڪ انهيءَ جي تجارت جو نفعو خداوند جي عبادت ڪندڙ قوم لاءِ ئي هوندو، تان‌تہ اهي ڍءُ ڪري کائين پيئن ۽ عمدي پوشاڪ پهرين.


جاڳ، اي صيئون! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ ۽ زور وٺ. هائو، اي يروشلم! اي پاڪ شهر! هاڻ شان وَ شوڪت کي پنهنجي پوشاڪ بڻاءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ کان پوءِ ڪوبہ غير قوم جو لشڪر، هائو، ڪوبہ ناپاڪ سپاهي ڪاهہ ڪري تو ۾ اندر نہ گھڙندو.


اها سڄي ماٿري جتي لاش ۽ رک اڇلائي ويندي آهي ۽ اوڀر طرف سڀ پوٺا قدرون جي برساتي نهر تائين، ويندي اوڀر طرف گھوڙي واري دروازي جي ڪنڊ تائين، مون خداوند جي نالي مخصوص ٿيندي. اهو شهر وري ڪڏهن بہ پاڙان نہ پٽبو، نہ وري ڪڏهن ڊاٿو ويندو.“


خداوند فرمايو تہ ”جڏهن بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن ۾ سندن ملڪ جي زمين ورهائي وڃي، تڏهن زمين جو هڪڙو حصو پاڪ نذراني طور مون خداوند جي لاءِ وقف ڪيو وڃي، جنهن جي ڊيگھہ اولهہ کان اوڀر طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ۽ ويڪر ڏکڻ کان اتر طرف ڏهہ ڪلوميٽر هجي. اها سڄي ايراضي مون لاءِ مخصوص هوندي.


جيڪڏهن اهو گوشت ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ ۾ رڌو وڃي تہ اهو ٿانءُ ڀڃي ڇڏجي. پر جيڪڏهن ڪنهن پتل جي ٿانوَ ۾ رڌو وڃي تہ انهيءَ ٿانوَ کي ملي پاڻيءَ سان آگھاري صاف ڪجي.


سندس مٿي تي پڳ رکيائين ۽ پڳ جي مٿان اڳئين پاسي ڪهانت جي مخصوصيت واري سوني تختي رکيائين. سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر صيئون جي جبل تي يروشلم وارن مان ڪي بچي ويندا، ۽ اهو جبل وري مون لاءِ مخصوص ڪيو ويندو. بلڪ بني يعقوب وارا ٻيهر پنهنجي ملڪيت جا وارث بڻبا.


خداوند هنن کي هيبت ۾ وجھندو، بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني معبودن کي هيڻو ڪري ڇڏيندو. پوءِ سڀيئي قومون سندس بندگي ڪنديون. هائو، سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ خداوند جي ئي عبادت ڪندا.


مصر بلڪ انهن سڀني قومن لاءِ اها ئي سزا هوندي، جيڪي تنبن واري عيد ملهائڻ نہ ايندا.


سو آءٌ يروشلم ۾ موٽي ايندس ۽ پنهنجي جبل صيئون تي اچي رهندس. پوءِ يروشلم وفادارن جو شهر سڏبو ۽ مون قادر‌مطلق خداوند جو جبل صيئون، پاڪ جبل سڏبو.


آءٌ قادر‌مطلق خداوند پنهنجي قوم جي حفاظت ڪندس. پوءِ هو پنهنجي دشمنن ۾ تباهي مچائي مٿن غالب ايندا. هائو، هو مئي پيئندڙن وانگر مست ٿي جنگ ۾ گجندا وتندا. جيئن قربان‌گاهہ تي قربانيءَ جي جانور جي وهندڙ رت مان ٿانءُ ڀرجي ٽمٽار ٿي ويندو آهي، تيئن هو دشمنن جو رت وهائيندا.


دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


هو اهي سمورا ٿانوَ جيڪي قربان‌گاهہ جي خدمت ۾ ڪم ٿا اچن يعني منگالا، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ڪوڏرون ۽ ٿالهہ وغيرہ، انهيءَ ڪپڙي جي مٿان رکن. پوءِ انهيءَ تي ڊالفن دريائي جانور جي کل جو پوش ڍڪين ۽ بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.


نذراني جي روٽن واري ميز تي آسماني رنگ جو ڪپڙو وڇائين. انهيءَ تي ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ رکن. ان کان سواءِ انهيءَ تي روٽ بہ هميشہ رکيل هجن.


پر هائو، جيڪو ڪجھہ اوهان جي وٽين ۽ ٿالهين ۾ آهي سو غريبن ۾ خيرات ڪندا تہ اوهان لاءِ سڀ ڪجھہ پاڪ ٿي پوندو.


وري آواز آيس تہ ”جنهن کي خدا پاڪ ڪيو آهي، تنهن کي پليت نہ چئُہ.“


پطرس انهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يهودين جي مذهب ۾ جائز نہ آهي تہ هو ڪنهن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر خدا مون کي صاف چيو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پليت يا گھٽ نہ سمجھان.


تنهن تي وري آسمان مان آواز آيو تہ ’جنهن شيءِ کي خدا پاڪ ڪيو آهي تنهن کي پليت نہ چئُہ.‘


هن ايمان جي وسيلي سندن دلين کي بہ پاڪ ڪندي اسان ۾ ۽ انهن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آهي.


اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا ادا ڪندا رهو.


اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو پيغام ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو خدا جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. شل سندس عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جي هڪڙي بادشاهت بڻايو تہ جيئن اسين سندس پيءُ يعني خدا جي خدمت ڪري سگھون. شل انهيءَ جي عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


سڀاڳا ۽ پاڪ آهن اهي جيڪي انهيءَ پهرئين جيئري ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿا ٿين. اهڙن ماڻهن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو هلي. اهي خدا ۽ مسيح جا ڪاهن هوندا ۽ ساڻس گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا.


تو انهن کي هڪ اهڙي بادشاهت بڻايو، جنهن جو هر فرد ڪاهن بڻجي اسان جي خدا جي خدمت ڪري. اهي ڌرتيءَ تي بادشاهي ڪندا.“


اها هو ڪڙاهي، ديڳڙي، ديڳ يا ڪُنيءَ ۾ هڻندو هو، پوءِ جيڪو گوشت ٽيانگھيءَ ۾ اٽڪي پوندو هو سو سڀ ڪاهن کڻندو هو. اهڙيءَ طرح سيلا شهر ۾ جيڪي بہ بني اسرائيل مقدس خيمي وٽ ايندا هئا تن سڀني سان هو ائين ئي ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ