Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ذڪرياہ 14:17 - Muslim Sindhi Bible

17 دنيا جي قومن مان جيڪڏهن ڪابہ قوم قادر‌مطلق خداوند کي بادشاهہ مڃيندي سندس عبادت ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ نہ ايندي تہ پوءِ اها مِينهن کان محروم رهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ هيئن ٿيندو تہ دنيا جي سڀني قبيلن تي، جي بادشاهہ، لشڪرن جي خداوند جي اڳيان سجدو ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ نہ ايندا، انهن تي مينهن نہ وسندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ذڪرياہ 14:17
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي سڀ قومون پنهنجن قبيلن ۽ نسلن موجب نوح جو اولاد آهن. ٻوڏ کان پوءِ انهن جو ئي نسل سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويو.


جيڪي تو کي مبارڪ چوندا تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، پر جيڪي تو کي پٽيندا تن تي لعنت ڪندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي وسيلي برڪت ملندي.“


اُهي ايترا تہ گھڻا ٿيندا جيترا زمين تي واريءَ جا ذرڙا آهن. اهي چئني طرفن ڏانهن پکڙجي ويندا ۽ دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي.


الياس تشبي جيڪو جِلعاد علائقي جو رهاڪو هو، تنهن بادشاهہ اخي‌اب کي چيو تہ ”جيئري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان تہ ايندڙ ڪجھہ سالن ۾ نہ ماڪ پوندي ۽ نہ ئي وري مينهن وسندو جيستائين آءٌ نہ چوان.“


جڏهن تنهنجي قوم تنهنجو ڪو گناهہ ڪري ۽ انهيءَ سبب آسمان بند ٿي وڃي ۽ مينهن نہ پوي، تڏهن جيڪڏهن هو هن جاءِ ڏانهن منهن ڪري دعا گھرن ۽ تو کي مڃيندي پنهنجي مٿان آيل مصيبت جي ڪري پنهنجي گناهہ کان باز اچن،


جڏهن تنهنجي قوم تنهنجو ڪو گناهہ ڪري ۽ انهيءَ سبب آسمان بند ٿي وڃي ۽ مينهن نہ پوي، تڏهن جيڪڏهن هو هن جاءِ ڏانهن منهن ڪري دعا گھرن ۽ تو کي مڃيندي پنهنجي مٿان آيل مصيبت جي ڪري پنهنجي گناهہ کان باز اچن،


جڏهن آءٌ آسمان مان مينهن وسائڻ بند ڪندس، يا ماڪڙ کي حڪم ڏيندس تہ فصل کائي چٽ ڪري ڇڏي، يا پنهنجي قوم ۾ وبا موڪليندس


انهيءَ کان پوءِ ان قوم جا ماڻهو پنهنجا نذرانا کڻي قادرِمطلق خداوند جي نالي واري جاءِ ۾، يعني صيئون جبل تي قادرِمطلق خداوند آڏو آڻيندا، هائو، انهيءَ ئي قوم وارا جن جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن ۽ جن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي.


مون پنهنجي ذات جو قسم کڻي واعدو ڪيو آهي، جيڪو بلڪل سچو ۽ ڪڏهن بہ تبديل نہ ٿيندڙ آهي تہ هر ڪو منهنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ قسم کڻي اقرار ڪندو تہ هو منهنجو ئي آهي.


آءٌ انهيءَ کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيندس، نہ انهيءَ جي ڇانگ ٿيندي ۽ نہ گُڏ ڪئي ويندي، بلڪ انهيءَ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ٿيندا. آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ مٿس مينهن نہ وسائين.“


باقي جيڪي قومون ۽ بادشاهہ تنهنجي خدمت نہ ڪندا، سي تباهہ وَ برباد ٿي ويندا. هائو، اهي قومون بلڪل چٽ ڪيون وينديون.


بلڪ پنهنجو غضب تون انهن قومن تي نازل ڪر، جيڪي تو کي نہ ٿيون مڃين، هائو، انهن پيڙهين تي جيڪي تنهنجو نالو نہ ٿيون وٺن، ڇاڪاڻ تہ انهن تنهنجي قوم کي ماري ڇڏيو آهي. هائو، انهن اسان کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي ملڪ کي مٽيءَ جا ڍير ڪري ڇڏيو اٿن.


ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟ ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟ هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا! ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو. تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“


امير امراءَ پنهنجن نوڪرن کي پاڻي ڀرڻ لاءِ موڪلين ٿا. اهي تلائن ڏانهن وڃن ٿا پر پاڻي هٿ ڪونہ ٿو اچين. سو اهي پنهنجا ٿانوَ خالي موٽايو ٿا اچن. پريشاني ۽ نااميديءَ سببان سندن ڪنڌ جھڪيل آهن.


زمين سڪي ٺوٺ ٿي پيئي آهي، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ۾ مينهن ڪونهي پيو. نااميديءَ سببان هارين جا ڪنڌ جھڪيل آهن.


”مون دنيا جي سڀني قومن مان رڳو اوهان کي ئي چونڊيو آهي. تنهنڪري آءٌ ئي اوهان کي اوهان جي سڀني گناهن جي سزا ڏيندس.“


جيڪي قومون يروشلم سان وڙهڻ لاءِ آيون هونديون، تن سڀني مان جيڪي بچي ويا هوندا، سي بعد ۾ قادر‌مطلق خداوند کي بادشاهہ مڃيندي سندس عبادت ڪرڻ ۽ تنبن واري عيد ملهائڻ لاءِ هر سال يروشلم ۾ ايندا رهندا.


سڄيءَ دنيا تي خداوند جي ئي بادشاهي هوندي. ان ڏينهن رڳو خداوند کي ئي معبود مڃيو ويندو ۽ رڳو سندس ئي عبادت ڪئي ويندي.


جيڪڏهن اوهان ائين ڪيو تہ خداوند اوهان تي ڪاوڙبو. هو آسمان کي بند ڪري ڇڏيندو، تہ جيئن نہ برسات پوي ۽ نہ ئي زمين ۾ پيداوار ٿئي. پوءِ اوهين انهيءَ چڱي ملڪ ۾ جيڪو خداوند اوهان کي ڏئي ٿو، جلد ئي ناس ٿي ويندا.


الياس نبي بہ اسان وانگر انسان هو. هن وڏي جوش سان دعا گھري تہ مينهن نہ وسي، پوءِ ساڍن ٽن سالن تائين زمين تي مينهن نہ پيو.


انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو پيغام ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ